Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

اے اِمامِ اہلسنّت نائبِ شاہِ اُمم                     کیجئے ہم پر بھی سایہ اے اِمام احمد رضا

                                                                          (وسائلِ بخشش مرمم،ص ۵۲) .

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!   سُبْحٰنَ الله! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو شان ڪيترو نرالو آهي جو سندن تي الله پاڪ جو به خاص فضل ۽ ڪرم آهي ۽ بارگاھِ مُصطَفٰي مان به سندن  جو دامن عنايتن سان، عطائن سان، ڪرم نوازين سان ڀرپور آهي، بيان ڪيل واقعي مان چڱي طرح اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو علمي مقام ڪيترو بلند  هو جو جنهن هستي کان ڪنهن به علم جو سوال ڪنهن به زبان (Language) ۾ ڪيو وڃي ۽ ڪجھ منٽن ۾ جواب ملي وڃي ته ان هستي جي علم جي پرواز جي سطح به ڪيتري بلند هوندي۔ اچو! سندن جي علمي رُتبي کي سمجھڻ ۽ سندن جي ذڪر سان فيضياب ٿيڻ جي نِيت سان پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  جي علمي مقام بابت وڌيڪ 3 واقعا ٻڌون ٿيون، جيئن

1) حضور محدثِ اعظم هند ڪڇوڇوِيۡ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اها شيء روزانو ڏسندا هئاسين ته جواب مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فقهي جُزئيات جي ڳولا ۾ جيڪي ماڻهو ٿڪجي پوندا هئا ته (اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾) عرض ڪندا هئا، پاڻ انهيء وقت(ارشاد) فرمائيندا هئا ته ”رَدُّالمُحتار“ جِلد فُلاڻي جي، صفحي فُلاڻي جي سِٽ (Line) فُلاڻي ۾ هنن لفظن سان  مسئلو موجود آهي۔ ”دُرِّمختار“ جي فُلاڻي صفحي، لائن ۾ اها عبارت آهي، ”عالمگيري“ ۾ هن جلد ۽ صفحي ۽ لائن ۾ اهي لفظ موجود آهن۔                                      (انوارِ رضا ص 265)

2) مولانا محمد حسين ميرٺي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ