Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

          اهو ئي حال رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحابه جو هو۔ اهي حضرات پڪا جنّتي هئڻ جي باوجود خوفِ خدا سان معمور هوندا هئا، هر وقت عبادت ۾ مگن رهندا هئا، نيڪي ڪرڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا هئا۔ انهن مان هڪ اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا موليٰ علي کرَّمَ الله وَجْهه الْکرِيم به آهن۔ انهن جي باري ۾ اچي ٿو ته جڏهن پاڻ بيتُ المال جي صفائي ڪرائيندا هئا، پوءِ ان ۾ هن اميد تي نماز ادا ڪندا هئا ته بروزِ قيامت اها جڳھ جتي نفل پڙھيا ان جي حق ۾ گواهي ڏي۔“ (الاستيعاب في معرفۃ الاصحاب ،الرقم۱۸۷۵علي بن ابي طالب ، ۳/۲۱۱، بتغيرٍ)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تذڪره شيرِ خدا

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! حضرت موليٰ علي کرَّمَ الله وَجْهه الْکرِيم ڪيترو خوفِ خدا رکڻ وارا بزرگ هئا جو بيتُ المال ۾ ان ڪري نفل پڙھندا رهيا ته جيئن  اها جاءِ بروزِ قيامت سندن جي حق ۾ گواهي ڏي۔ الله پاڪ اسان کي به ان جهڙي سوچ ۽ تقويٰ نصيب فرمائي۔ هن ئي مهيني يعني رمضان المبارڪ جي 21 تاريخ تي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا علي المرتضي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو عُرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي۔ اچو! سندن جو مختصر ذڪرِ خير ٻڌون ٿا۔

اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عَلِي المُرتَضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو ”علي بِن ابي طالب“ ۽ ڪنيت ”ابو الحسن“ به آهي ۽ ”ابو تُراب“ به۔ پاڻ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چاچي ابو طالب جا فرزند آهن۔ سندن جي امڙ سائڻ جو نالو مبارڪ
”فاطمه بنت اسد بِن هاشم“ آهي۔ اَمِيرُالمُومِنين حضرتِ
سَيدُنا عَلِي المُرتَضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مبارڪ ذات ننڍپڻ کان ئي سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نورِ نظر هئي، پاڻ حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پرورش ۾ رهيا، سندن جي خصوصيتن (Qualities) مان هڪ خصوصيت اها به آهي ته پاڻ رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سؤٽ هئڻ سان گڏوگڏ نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سان اها خوش خبري به ماڻڻ وارا