Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

پنهنجي خواهشن تي هلندو هجي ۽ الله پاڪ جي رحمت تي اميد به رکندو هجي۔ (ترمذي ،ڪتاب صفۃ القيامۃ، باب ۲۵،۴/۲۰۸،حديث:۲۴۶۷)

جڏهن ته حضرت يحييٰ بن مُعاذ رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: ”ڪا حماقت (چريائپ) ان کان وڌيڪ نه ٿيندي جو انسان دوزخ جو ٻج پوکي ۽ جنت جي فصل لُڻڻ جي اُميد رکي، ڪم گناھگارن جهڙا ڪري ۽ مقام نيڪن وارو تلاش ڪري۔“ (ڪيميائے سعادت، ۲/۸۱۱ )

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته رحمتِ اِلاهي مان اميد رکڻ سان گڏوگڏ گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ عملن ۾ مصروف رهڻ به نهايت ضروري آهي۔ گناهن جي باوجود رحمتِ اِلاهي مان بخشش جي اميد رکڻ جو نقصان اهو ٿيندو آهي جو انسان گناهن تي دلير (Bold) ٿي ويندو آهي ۽ گناھ کان پوءِ شيطان طرفان انهيء طرح جي مٺيون مٺيون ڳالهيون قبول ڪرڻ جي عادت، اڳوڻن گناهن تي شرمساري جي بدران آئنده گناھ ڪرڻ جي جُرئت پيدا ٿي ويندي آهي۔

ٿورو سوچيو ته سهي! انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ ۽ اولياءِ عظام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی هي اهي ماڻهو آهن جن کان وڌيڪ رحمتِ اِلاهي جو حق دار ڪو ٻيو ٿي نٿو سگھي۔ هي اهي خوش نصيب حضرات آهن جو انهن کان وڌيڪ ڪنهن کي رحمتِ اِلاهي تي يقين ٿي نٿو سگھي۔ ان جي باوجود به اهي نيڪ هستيون عبادت، تلاوت ۽ نيڪ عملن جي گھڻائي ۾ ڪڏهن به سُستي نه ڪندا هيا ۔ يقيناً نبي سڳورا عَـلَـيْهِمُ السَّلَام پڪا جنّتي آهن۔ اهڙي طرح ڪيئي صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ اهڙا آهن جن کي مڪي مدني لجپال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  نالو کڻي جنت جون خوشخبريون عطا ڪيون پر ان جي باوجود انهن جي نيڪ عملن ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي، انهن جو خوفِ خدا ڪڏهن به گھٽ نه ٿيو۔ ۽ اهو به ته سوچيو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان وڌيڪ بارگاھِ الاهي ۾ ڪير مقبول هوندو، پر پوءِ به سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي سڄي رات عبادت ۾ مَشغُول رهندا هئا۔