Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

اِعتِڪاف جون سُنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! اِعتڪاف جون ڪجھ سُنّتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿا۔ اچو! اڳ ۾ 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظَه ڪريو: (1) فرمايائون: جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا تمام پويان گناهه بخشيا ويندا۔ (جامع صغير، ص۵۱۶،حديث:۸۴۸۰) (2) فرمايائون: جنهن رَمَضانُ المبارَڪ ۾ 10 ڏينهن اِعتڪاف ڪيو اهو ائين آهي ڄڻ ان ٻه حج ۽ ٻه عُمرا ڪيا۔ (شعب الايمان،الرابع والعشرين من شعب الايمان،۳/۴۲۵،حديث: ۳۹۶۶) ٭ رَمَضانُ المبارَڪ جي آخري عَشَري جو اِعتڪاف سُنّتِ مُؤَڪدَه عَلَي الْڪفَايه آهي، (يعني) جيڪڏهن سڀني اعتڪاف ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته سڀني کان پڇاڻو ٿيندو ۽ جيڪڏهن شهر ۾ ڪنهن هڪ ڪري ورتو ته سڀئي ذميواريءَ کان آجا ٿي ويندا۔ (فيضانِ رمضان ،ص ۲۳۵) ٭ نذر ۽ سُنتِ مؤڪده کان  علاوه جيڪو اعتڪاف ڪيو وڃي اهو مستحب آهي، ان جي لاءِ نه روزه شرط آهي نه ڪا وَقت جي قيد جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو ته اِعتڪاف جي نِيت ڪري وٺو۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۳۵ملخصاً) ٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ اِعتڪاف ڪرڻ جو سڀ کان وڏو مَقصَد شبِ قَدر جي ڳولا ڪرڻ آهي۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۳۲) ٭ اعتڪاف جي لاءِ  جامع (وڏي مسجد) مسجد جو هجڻ شرط ناهي بلڪه مسجدِ جماعت ۾ به ٿي سگھي ٿو، مسجدِ جماعت اها آهي جنهن ۾ امام مؤذن مقرر هجن توڙي جو ان ۾ پنج وقت جماعت نه ٿيندي هجي۔ (ايضاً، ص ۲۳۹) ٭ سڀ کان افضل اعتڪاف مسجد حرم شريف ۾ آهي پوء مسجدِ نَبَوِي ۾ پوءِ مسجدِ اَقصيٰ (يعني بَيتُ المَقدِس) ۾ پوءِ ان مسجد ۾ جتي وڏي جماعت ٿيندي هجي۔ (فيضانِ رمضان، ص۲۴۰) ٭ مُعتَڪف اِعتڪاف جي ڪري جن نيڪين کان محروم ٿيو جيئن زيارتِ قُبور، مسلمانن سان ملاقات، بيمار جي طبيت پڇڻ، نمازِ جنازه ۾ حاضِري ان کي هنن سڀني نيڪين جو ثواب ساڳي طرح ملندو آهي جيئن اهي ڪم ڪرڻ وارن کي ثواب ملندو آهي۔ (مرآة المناجيح،۳/۲۱۷) ٭ اسلامي ڀينرون مسجدِ بَيت ۾ اِعتڪاف ڪن، مسجدِ بَيت ان جڳھ کي چوندا آهن جيڪا جڳھ عَورَت گھر ۾ پنهنجي نماز