Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

وغيره بيان ڪيا ويا آهن۔ تنهنڪري اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان هديو ڏئي وٺو، ۽ پاڻ به ان جو مُطالعو فرمايو، ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي مطالعي جي ترغيب ڏياريو ۽ استطاعت آهر وڌيڪ تعداد ۾ حاصل ڪري تقسيمِ رسائل جي نيت ڪري وٺو۔

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني دورو“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جون رحمتون ماڻڻ جو شوق بيدار ڪرڻ، صحابه ۽ اهل بيت جي محبت کي وڌائڻ، هر نيڪ ۽ جائز ڪم ۾ ڪوشش جو جذبو ماڻڻ، نيڪين تي استقامت ۽ والدين جي اطاعت جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ اڄ ئي عاشقان ِرسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم مدني دورو به آهي، مرڪزي مجلس شورٰي جي طرفان ڏنل طريقيڪار مطابق روزانو يا هفتي ۾ ٻه (2) ڏينهن يا هفتي ۾ هڪ ڏينهن هر مسجد جي آسپاس ۾ گھر گھر، دڪان دڪان وڃي اتي موجود اسلامي ڀائرن سميت گهٽين ۾ بيٺل ۽ ايندڙ ويندڙ تمام ماڻهن کي نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي، ان کي ’’مدني دوره‘‘چيو ويندو آهي۔ هن مدني ڪم جا بيشمار فائدا آهن، مثال طور هن جي برڪت سان علائقي ۾ مدني ڪم ڦهلجندو آهي، ”مدني دوري“ جي برڪت سان نوان نوان اسلامي ڀائر مدني ماحول جي ويجھو ٿيندا آهن، ”مدني دوري“ جي برڪت سان بي نمازين کي نمازي بنائڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي۔ ”مدني دوري“ جي برڪت سان اميرِ اهلسنت جي دعائن مان حصو ملندو آهي۔ ”مدني دوري“ جي برڪت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي۔

12 مدني ڪمن مان هفتيوار مدني ڪم ”مدني دوره“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي ”مدني دوره“ جو مطالعو ڪريو، تمام دعوتِ اسلامي جا ذِميدار، خاص ڪري مجلسن جا نگران ۽ اراڪين ته هن رِسالي جو