Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

مجلس خصوصي اسلامي ڀائر

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ سنتن کي ڦهلائڻ جي لاءِ ڪم وبيش107 شُعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شعبو ’’مجلس خصوصي اسلامي ڀائر‘‘ به آهي، نابين، گُونگا ۽ ٻوڙا اسلامي ڀائر علمِ دين نه هئڻ ۽ نيڪ صحبت کان پري رهڻ جي ڪري اڪثر ضروري معلومات کان محروم رهندا آهن، معاشري جي انهن ماڻهن ۾ علمِ دين ڦهلائڻ جي لاءِ اها مجلس ڪيئي شهرن ۾ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماعن ۾ خصوصي اسلامي ڀائرن جا حلقا لڳائيندي آهي۔ وڏين راتين ۾ ٿيندڙ سنّتن ڀري اجتماعن (مثال طور اجتماعِ ميلاد، اجتماعِ غوثيه، اجتماعِ شبِ معراج، اجتماعِ شبِ برأت وغيره) ۽ رَمَضانُ المبارَڪ جي اجتماعي اعتڪاف ۾ به انهن جي اصلاح ۽ تربيت جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔ اشارن جي زبان ۾ نعت، بيان، ذڪر  ۽ دعا جي ترڪيب ٿيندي آهي ۽ بريل لينگويج (Braille Language) ۾ نابين اسلامي ڀائرن جي لاءِ رسالن جو سلسلو به جاري رهندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                               بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

(وسائلِ بخشش،ص۴۷۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد