Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

جي لاءِ مخصوص ڪندي آهي۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۸۹) ٭ اِعتڪاف جي دوران ٻن سببن جي ڪري مسجد مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت آهي۔ (1) حاجتِ شرعي۔ (2) حاجتِ طبعي حاجتِ شرعي مثال طور جُمعه نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ وڃڻ۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۶۵) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيوار اجتماع جي بيان جون جھلڪيون

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: ”خاموش رهڻ جي عادت ڪيئن بڻايون“ جنهن ۾ اسان زبان جون آفتون، فضول ڳالهائڻ جا نقصان، خاموشي اختيار ڪرڻ جا فائدا ۽ برڪتون، بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيهمْ اَجْمَعِين جا واقعات ۽ آخر ۾ خاموش (Silent) رهڻ جي عادت بنائڻ بابت ڪجھ مدني گل ٻڌنداسين۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد