Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

کي فرمائيندو: ان شَخص جا صغيره گناھ ان تي پيش ڪيو ۽ ڪبيره گناھ اڃا باقي رکو۔ اهڙيءَ طرح ان شَخص تي ان جا صغيره گناھ پيش ڪيا ويندا ۽ ان کي چيو ويندو: تو فلاڻي ڏينهن فلاڻو فلاڻو ڪم ۽ فُلاڻي ڏينهن فلاڻو فلاڻو ڪم ڪيو هو؟ اهو شخص چوندو هائو مون ڪيا هو۔ اهو شخص پنهنجي اندر ايتري همت نه رکندو هوندو جو پنهنجي گناهن کان انڪار ڪري، ۽ ان جو حال اهڙو هوندو جو اهو پنهنجي ڪبيره گناهن کان به ڊڄي رهيو هوندو ته ڪٿي ان جو حساب نه شروع ٿي وڃي۔ پوءِ ان شخص کي چيو ويندو: وڃ تو کي هر گناھ جي بدلي ۾ هڪ نيڪي ڏني وڃي ٿي، اهو شخص عرض ڪندو: اِلاهي! مون ته اڃا به کوڙ سارا گناھ ڪيا هئا جن کي مون تي پيش ناهي ڪيو ويو۔ حضرت ابو ذر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چون ٿا: مون ڏٺو ته اهو فرمائي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ايترو مُرڪيا جو سندن عَلَيۡهِ الصلٰوةُ وَالسَّلام جون مبارڪ ڏاٺون ظاهر ٿي ويون۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب أدنٰي أهل الجنۃ۔۔۔الخ، ص۱۰۱، حديث: ۴۶۷)

میں نے مانا کہ سب سے بُرا ہوں                            کس کا ہوں؟ تیرا ہوں میں تِرا ہوں

ناز رحمت پہ مجھ کو بڑا ہے                                    یاخدا تجھ سے میری دعا ہے

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۳۷) 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عوام ۾ موجود هڪ غلط فهمي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً الله پاڪ پنهنجي ٻانهن تي رحم ۽ ڪرم فرمائڻ وارو آهي، ان جي رحمت تمام وسيع آهي پر ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اُميد رکي نيڪيون ڪرڻ ڇڏي ڏي۔ ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اُميد رکندي گناهن ۾ مشغول ٿي وڃي۔ ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي ربِّ ڪريم جي احڪامات تي عمل ڪرڻ ۾ سُستي ڪري۔ ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو