Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay
ان رحمت کي ٻين نوانوي (99) رحمتن سان ملائي سو (100) مڪمل فرمائي ڇڏيندو ۽ بروزِ قيامت ان سان پنهنجي ٻانهن تي رحم فرمائيندو۔ (مسلم،ڪتاب التوبۃ،باب في سعۃ رحمۃ الله۔۔۔الخ،ص۱۱۲۹، حديث:۶۹۷۷،۶۹۷۲،۶۹۷۴ملتقطاً)
اِس بے کسی میں دِل کو مِرے ٹیک لگ گئی شُہرہ سُنا جو رَحمتِ بےکس نواز کا
تُو بے حساب بخش! کہ ہیں بے شُمار جُرْم دیتا ہوں واسِطہ تجھے شاہِ حِجاز کا
(ذوقِ نعت،ص۱۷،۱۸)
مختصر وضاحت: پريشاني ۽ لاچاري جي عالم ۾ منهنجي دل کي ان وقت حوصلو ملي ويو جڏهن مون الله پاڪ جي رَحمت جو چرچو ٻڌو۔ اي منهنجا ربّ! منهنجا جُرم بي حساب آهن، تون کي شاھ حجاز، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو واسطو مون کي بي حساب بخشي ڇڏ۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رهي ته! الله پاڪ کان سٺو گمان (حُسنِ ظن) رکڻ واجب آهي۔ ان جي رحمت مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ گھرجي، اهو چاهي ته ڪنهن جي هڪ گُناھ تي اهڙي پڪڙ فرمائي جو سموريون نيڪيون گھٽ پئجي وڃن ۽ اهو چاهي ته ڪنهن کي هڪ نيڪي تي پنهنجي رحمتن سان ايترو نوازي جو وڏن وڏن گناهن کي به معاف فرمائي ڇڏي۔ اهڙي طرح اهو چاهي ته ڪنهن کي بغير ڪنهن سبب جي پنهنجي رحمت سان مغفرت جي خيرات ڏئي ڇڏي ۽ ان کي جنت ۾ داخلا عطا فرمائي ڇڏي۔ اچو! هن طرح جي هڪ روايت ٻڌون ٿا:
جيئن صحيح مسلم شريف ۾ آهي، حضرت سَيدُنا ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايائون: هڪ شخص کي قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو۔ الله پاڪ ملائڪن