Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي ڄاڻي واڻي نمازون قضا ڪندو رهي۔ ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي بِلاعُذرِ شرعي رمضان المبارڪ جا فرض روزا ڄاڻي واڻي ڇڏيندو رهي۔ ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي ٻين کي ستائڻ ۽ انهن کي اِيذاء (يعني تڪليف) ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي۔ ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي پنهنجي موت، قبر ۽ آخرت کي وساري ويهي رهي۔ ٭ رحمتِ الٰهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي حساب ڪتاب کي وساري ڇڏي۔ ٭ رحمتِ اِلاهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي پنهنجو پاڻ کي پڪو جنّتي سمجھڻ لڳي۔ ٭ رحمتِ اِلاهي جي وُسعَت جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ٻانهو ربّ جي رحمت مان اميد رکندي پاڻ کي جهنم کان آزاد سمجھي۔ ياد رکو! الله پاڪ جي رحمت مان بخشش ۽ مغفرت جي اُميد (Hope) ضرور هئڻ گھرجي، پر گڏوگڏ نيڪ عمل به ڪرڻ گھرجن۔ الله پاڪ جي رحمت بابت ماڻهن ۾ هڪ غلط فهمي ڏٺي وئي آهي ته عام طور گناھگار ۽ بي عمل ماڻهو الله پاڪ جي رحمت کي دليل بڻائي پنهنجي پڪڙ جي باري ۾ بي فڪر ٿي ويندا آهن ۽ هن طرح جون ڳالهيون ڪندا آهن ته ’’اسان کي ڪامل يقين آهي ته الله پاڪ اسان کي عذاب نه ڏيندو، ان جي رحمت تمام وسيع آهي ، اسان جيڪڏهن ٿورا گھڻا گناھ ڪري به وٺون ته ان جي رحمت جي خزانن ۾  گهٽتائي ٿوري ٿي ويندي؟ اهو وڏو ڪريم آهي معاف ڪري ڇڏيندو۔ اسان ته بخشيل بخشايل آهيون وغيره وغيره، اهڙن خيالن کي پنهنجو پاڻ کان پري ڪريو۔

رحمتن جي تاج واري آقا، عرش جي معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي پنهنجو تابعدار بڻائي وٺي ۽ موت کان پوءِ جي لاءِ عمل ڪري ۽ عاجز اهو شخص آهي جيڪو