Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

لاج رکھ لے گناہگاروں کی                                           نام رحمٰن ہے تِرا یاربّ

عیب میرے نہ کھول محشر میں                       نام ستّار ہے ترا یاربّ

بے سبب بخش دے نہ پوچھ عمل                   نام غفّار ہے ترا یاربّ

(ذوقِ نعت،ص۸۴)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

رحمتِ الٰهي جي وُسعَت بابت حديث سڳوريون

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيئي احاديثِ طيبه ۾ به ربِّ ڪريم جي رحمت جي وُسعت جو بيان ٿيو آهي۔ اچو اُنهيء باري ۾ ٽي حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

1۔ اِرشاد فرمايائون: بيشڪ الله پاڪ رات جي وقت پنهنجو دستِ قدرت ڦهلائيندو آهي ته جيئن ڏينهن ۾ گناھ ڪرڻ وارن جي توبه قبول فرمائي ۽ ڏينهن ۾ پنهنجو دستِ قدرت ڦهلائي ڇڏيندو آهي ته جيئن رات جي وقت گناھ ڪرڻ وارن جي توبه قبول فرمائي ايستائين جو سج اولھ کان اُڀري۔ (مسلم، ڪتاب التوبۃ، باب قبول التو بۃ۔۔۔۔۔۔الخ، ص۱۱۳۱، حديث:۲۷۵۹)

2۔ اِرشاد فرمايائون: الله پاڪ اِرشاد فرمائيندو آهي: اي منهنجا ٻانهؤ! توهان ڏينهن رات گناهن ۾ گذريندا آهيو ۽ مان گناهن کي بخشيندو رهندو آهيان۔ پوءِ توهان مون کان بخشش طلب ڪندا رهو مان توهان کي بخشندو رهندس۔   (مسلم، ڪتاب البر والصلۃ،باب تحريم الظلم ، ص۱۰۴۸، حديث:۲۵۷۷)

3۔ اِرشاد فرمايائون: الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش واري ڏينهن سو (100) رحمتون پيدا فرمايون۔ هر رحمت زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ تهه به تهه رکي وئي آهي۔ انهن مان هڪ رحمت زمين تي نازل ٿي۔ انهيءَ سان ماءُ پنهنجي اولاد تي، وحشي درندا ۽ پکي هڪ ٻئي تي مهربان ٿيندا آهن، ايستائين جو گھوڙو پنهنجو پير پنهنجي ٻچي کان پري ڪندو آهي ته ڪٿي ان کي ڌڪ نه لڳي وڃي۔ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ