Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

لازمي مطالعو ڪن۔ اهو رِسالو مڪتبة المدينه تي دَستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔ ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو شرعي حڪم ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جون 13 فضيلتون ۽ فائدا ٭ علم جي نور جو سبب ٭ مسجدن جي رونق جو سبب ٭ نيڪي جي دعوت کان پهريان جي دعا ٭ مدني دوري جا مدني گل ٭ مدني دوري جو طريقو ٭ مدني دوري جا آداب ٭ مدني دوري بابت مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا چونڊ مدني گل وغيره۔

اچو! ترغيب لاءِ ”مدني دوري“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

مسجد آباد ٿي وئي

       بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته اسان جو مدني قافلو پنجاب جي هڪ شهر جي مسجد ۾ پهتو۔ خبر پئي ته دروازي تي تالو لڳل آهي، دروازو کوليو ويو ته هر شيء تي مٽي ئي مٽي هئي، ائين معلوم ٿي رهيو هو ڄڻ ڪافي عرصي کان مسجد بند هجي، اسان گڏجي صفائي ڪئي، نمازِ عصر کان پوءِ مدني دوري جي لاءِ راند جي ميدان ۾ پهتاسين ۽ راند ۾ مشغول نوجوانن کي نيڪي جي دعوت ڏني۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ڪيئي نوجوان هٿوهٿ اسان سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويا، مسجد ۾ اچي اسان سان گڏ نماز پڙھڻ ۽ سنّتن ڀريو بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيائون، ۽ مسجد کي آباد ڪرڻ جي نيت ڪري ورتائون، اهڙي طرح اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني قافلي ۽ مدني دوري جي برڪت سان مسجد آباد ٿي وئي۔

نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے                         بنا    شائقِ       قافِلہ     یاالٰہی

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۱۰۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد