Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان جو مهينو جاري ۽ ساري آهي۔ اهو مهينو الله پاڪ جون رحمتون ماڻڻ جو مهينو آهي، اهو مهينو پنهنجي گناهن کي بخشائڻ جو مهينو آهي۔ هن مهيني ۾ الله پاڪ جون رحمتون پنهنجي عروج تي هونديون آهن۔ وڏا وڏا گناهگار ۽ خطاڪار هن مهيني ۾ الله پاڪ جي رحمت سان جهنم کان آزادي جا پروانا ماڻي جنت جا حقدار ٿيندا آهن۔ انهيء مناسبت سان اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”الله جي رحمت تمام وڏي آهي“ يقيناً الله پاڪ جي رحمت تمام وسيع آهي۔ ڪيئي آيتون ۽ حديثِ سڳوريون رحمتِ الٰهي جي وُسعَت کي بيان ڪن ٿيون، انهن مان ڪجھ اڄ بيان ڪيون وينديون۔ ان سان گڏوگڏ رحمتِ الٰهي جا ڪيئي واقعا به بيان ڪيا ويندا۔ يقيناً الله جي رحمت تمام وڏي آهي پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته اسان نيڪ عملن کان پري ۽ گناهن ۾ مبتلا ٿي وڃون۔ اهڙي سوچ ڪيتري نقصانده ثابت ٿي سگھي ٿي، ان جي باري  ۾ به ڪجھ مدني گل پيش ڪيا ويندا۔

   اي ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

       اچو! رحمتِ الٰهي تي هڪ زبردست حڪايت ٻڌون ٿا جيئن ته

گناهن جي اعتراف جي بدلي جنّت ۾ داخلا

   حضرت ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جنت ۾ داخل ٿيڻ وارو سڀ کان آخري شخص اهو هوندو جيڪو پُل صراط تان هن طرح سان گذرندو جو پُٺي ڀر گھلِجي رهيو هوندو۔ جهڙي طرح پيءُ پٽ کي گِهلي گِهلي ماريندو آهي ته اهو ان کان بچڻ جي لاءِ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر ڀڄڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي، اهو ئي حال ان شخص جو هوندو۔ پوءِ هو عرض ڪندو: اي منهنجا ربّ! مون کي به جنت ۾ پهچاءِ ۽ جهنم کان بچائي وٺ۔ ته الله پاڪ ان کي فرمائيندو: اي منهنجا ٻانها! جيڪڏهن