Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay
آهن جو اي علي! تون دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ منهنجو ڀاءُ آهين. (ترمذي ،ڪتاب المناقب ،باب ۲۰،۵/۴۰۱،حديث:۳۷۴۱) جيئن
حضرت سيّدنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کان روايت آھي ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جڏهن مدينه منوّره ۾ ڀائيچارو قائم ڪيو، ته حضرت عليُّ المرتضٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روئيندي بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوھان سڀني صحابهءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي وچ ۾ ڀائيچاري وارو رشتو قائم فرمايو، پر مون کي ڪنهن جو ڀاءُ نه بڻايو؟ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”اَنْتَ اَخِیْ فِـی الدُّنْیَا وَالْاٰخِرَۃِ (اي علي) تون دنيا ۾ به منهنجو ڀاءُ آهين ۽ آخرت ۾ به منهنجو ڀاءُ آھين۔“ (ترمذي،ڪتاب المناقب،باب مناقب علي بِن ابي طالب ،۵/ ۴۰۱، حديث: ۳۷۴۱) اهڙي طرح نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: ”مَنْ کُنْتُ مَوْلَاه فَعَلِي مَوْلَاه‘‘ يعني جنهن جو مان مولا آهيان ان جو علي مولا يعني آقا آهي۔ (تِرمِذي،۵/۳۹۸،حديث۳۷۳۳)
٭(وسائلِ بخشش مرمم،ص۵۲۱)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! پنهنجي دلين ۾ اَمِيرُ المُومِنين حضرتِ سَيدُنا عَلِي المُرتَضيٰ، شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو شان ۽ عظمت ويهارڻ، سندن جي نقشِ قدم تي هلڻ ۽ سندن جي سيرت جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المَدينه جو ڇپيل رسالو ”ڪراماتِ شيرِ خدا“ جو مطالعو ڪرڻ بيحد مفيد رهندو۔ هن رسالي ۾ ٭ حضرتِ سَيدُنا عَلِي المُرتَضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان صادر ٿيڻ وارين ڪيئي ڪرامتن جو تذڪرو ٭ سندن جي علمي ۽ عملي فضيلتن جو بيان ٭ حضرت علي المرتضٰي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان محبت ڪرڻ جو انعام ۽ سندن سان بغض رکڻ جو انجام ٭ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي شان ۽ عظمت جي باري ۾ اهم معلومات جو بيان ٭ غير الله کان مدد گھرڻ جي باري ۾ سوالن جا جواب