Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

ٽيون مدني گل اهو حاصل ٿيو ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيئن ته تمام جهان وارن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليا ويا آهن، تنهنڪري جھڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحمتن ۽ شفقتن جي درياء وڏن وڏن کي فيض ياب ڪيو بلڪ ڪري رهيو آهي اهڙي طرح پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحمتن جون ڇما ڇم بارشون ٻارن کي به خوب خوب سيراب ڪن ٿيون ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن ٻارڙين کي به پيار و مَحَبَّت ۽ پنهنجي اُلفت جا جام ڀري ڀري پيئاريندا هئا، بيشڪ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن جي نفسيات کي تمام سٺي طرح سان ڄاڻندا هئا جو انهن نرم ۽ نازڪ پنکڙين تي جيتري قدر شفقت ۽ مهرباني جي پاڻي جو ڇنڊڪار ڪيو وڃي، ايتري قدر انهن جي تر و تازگي ۽ خوب صورتي ۾ نکار اچي ويندو۔ اچو! ٻارن سان شفقتِ مصطفيٰ تي هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي ڏوهٽيءَ تي شفقت

حضرتِ سَيدُنا ابوقتاده رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان وٽ تشريف فرما ٿيا ته پاڻ (سندن ڏوهٽيءَ) اُمامه بنت ابوالعاص کي پنهنجي ڪلهي تي کنيل هئا۔ پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز پڙھائڻ لڳا ته رڪوع ۾ وڃڻ مهل انهن کي لاهي ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن بيهندا هئا ته کڻي وٺندا هئا. (بخاري ،  ڪتاب الادب،  باب رحمة الولد ، ۴/ ۱۰۰، حديث:۵۹۹۶)

   حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا: اهو عمل حضورعَلَيه السَّلَام جي خصوصيت مان آهي، اسان جي لاءِ مُفسدِ نماز آهي ڇوته نماز ۾ ٻارڙيءَ کي کڻڻ لاهڻ ۽ روڪڻ عمل ڪثير کان خالي ناهي۔ (مرآة المناجيح،  ۲/ ۱۳۳)  يعني نماز ۾ ٻار کي کڻڻ لاهڻ ۽ نماز جو فاسد نه ٿيڻ حضور پرنور جي ئي خاصيت هئي، جيڪڏهن اسان ائين ڪنداسين ته اسان جي نماز ٽٽي پوندي.

ٻارن سان سٺو  سلوڪ ڪريو!

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به پنهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ طريقي تي هلڻ گھرجي۔ پاڻ سڳورن جيان ٻارن سان سٺو ورتاء ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي گھرجي ته اسان به ٻارن جو خوب خوب خيال رکون، انهن جي دل وندرايون، انهن جون جائز خواهشون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، انهن جي چهرن تي مُرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪريون، انهن تي شفقت و