Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

رکي۔(7) نئون ميوو، نئون فروٽ پهريان انهن کي ڏئي جو اهي به تازا ميوا آهن، نئين کي نئون مناسب آهي۔(8) ڪڏهن توفيق مطابق انهن کي کيرڻي وغيره کائڻ، پيئڻ، کيڏڻ جون سٺيون شيون جيڪي شرعاً جائز هجن، ڏيندو رهي۔ (9) رجهائڻ جي لاءِ ڪوڙو واعدو نه ڪري بلڪه ٻار سان به اهو واعدو جائز آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جو ارادو رکندو هجي۔ (10) پنهنجا ڪجھ ٻار هجن ته جيڪا شيء ڏئي سڀني کي برابر ڏي، (11) هڪ کي ٻئي تي ديني فضيلت جي بغير ترجيح نه ڏئي۔ (فتاويٰ ر ضويه ،  ٢٤/ ۴۵۳ملخّصاً)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ خوش نصيب آهن اهي عاشقانِ رسول جيڪي ٻارن جي دلين ۾ خوشي داخل ڪن ٿا، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهڙن کي ربِّ ڪريم جنت ۾ هڪ عاليشان گھر سان نوازيندو، جيئن

جنتي گھر دارُ الفَرح ڪنهن جي لاءِ آهي؟

حضرت سَيدَتُنَا عائشه صِدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا روايت ڪن ٿيون ته رسول الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”بيشڪ جنّت ۾ هڪ گهر آهي جنهن کي ”دار الفرح“ چيو ويندو آهي ان ۾ اهي ئي ماڻهو داخل ٿيندا جيڪي ٻارن کي خوش ڪندا آهن۔ (جامع صغير ،  ص۱۴۰،  حديث۲۳۲۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻار الله پاڪ جي نعمت هوندا آهن۔ انهن سان پيار ۽ محبت ڀريو ورتاءُ (Behave) ئي ڪرڻ گھرجي۔ ٻار پنهنجا هجن يا ٻين جا، ٻار ٻار ئي هوندا آهن۔ انهن سان هميشه مهرباني سان پيش اچڻ گھرجي۔ ڪي ماڻهو اهڙا خشڪ مزاج هوندا آهن جيڪي پنهنجي ٻارن تي به شفقت نٿا ڪن۔

      حضرتِ سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرتِ سَيدُنا حسن بن علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا کي چميائون ته هڪ شخص عرض ڪيو: منهنجا ڏھ ٻار آهن مون (اڄ تائين) انهن مان ڪنهن کي ناهي چميو، ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ڏٺو پوءِ ارشاد فرمايائون: جيڪو رحم ناهي ڪندو اهو رحم ناهي ڪيو ويندو۔ (بخاري، ڪتاب الادب، باب رحمة الولد   ،  ۴/ ۱۰۰،  حديث:۵۹۹۷)