Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان کي فرمائيندا هئا ته انهن کي پاڻ سان گڏ سوارين تي ويهاريو۔ ڪڏهن ڪڏهن اهي ٻار هن ڳالھ تي فخر ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي پنهنجي اڳيان سوار ڪيو ۽ توکي پنهنجي پويان سوار ڪيو ۽ ڪي ٻار هينئن فخر جو اظهار ڪندا هئا ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي باري ۾ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي فرمايائون ته انهن کي پاڻ سان سوارين تي ويهاري ڇڏيو۔ (احياء العلوم،  ۲/ ۷۱۲)  ياد رکو ته هي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان هو موجوده دور ۾ اسان مان اهڙي طرح رستي مان ٻين جي ٻارن کي ڪو به پنهنجي سواريءَ تي نٿو ويهاري سگهي. ڇو ته هن سان تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’چوڪ دَرس‘‘

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻارن تي شفقت وارو جذبو ماڻڻ، سڀني سان حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ، غمزدن، ڏکويلن، بيمارن جي عيادت ۽ ٻين سٺين صفتن جو عادي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصّو وٺو، ذيلي حلقي جي ٻارهن مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ ماههِ رمضان المبارڪ جو رحمت وارو عشرو پنهنجون برڪتون لٽائي رهيو آهي، مسجدن ۾ رونق ته اچي وئي آهي، پر اڃان به مسلمانن جي هڪ تعداد اهڙي آهي جو مسجد جو رخ ناهي ڪندي. اهڙن مسلمانن تائين نماز جي دعوت پهچائڻ، روزن جي اهميت ٻڌائڻ ۽ مسجدن جي طرف رخ ڪرائڻ جي لاءِ ”چوڪ درس“ هڪ بهترين ذريعو آهي، ٿي سگهي ته ماههِ رمضان ۾ فيضانِ سنت جي باب ”فيضانِ رمضان“ مان مختلف موضوعن تي چوڪ درس ڏنا وڃن، خاص ڪري ظهر، عصر جي نماز کان پهريان چوڪ درس جي ترڪيب ڪئي وڃي ته جيئن هٿو هٿ مسجد ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو به سلسلو ٿي سگهي. ايئن مسجد جي نمازين جي تعداد وڌڻ سان گڏو گڏ روزيدارن جي تعداد ۾ به اضافو ٿيندو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه چوڪ دَرس نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون سيکارڻ جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين عِلمِ دِين جون ڳالهيون پهچائڻ اَجر ۽ ثَواب جو ڪم آهي۔ نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جيڪو شخص منهنجي اُمَّت تائين ڪا اسلامي ڳالھ پهچائي ته جيئن ان سان سُنَّت قائم ڪئي وڃي يا ان سان بد مذهبي دور ڪئي وڃي ته اهو جنَّتي آهي۔ (حلية الاولياء، ابراهيم الهروي، ۱۰/ ۴۵،  حديث:۱۴۴۶۶)