Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتي اسان ”قرآنِ پاڪ جي اَهمِّيت“ جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رمضان المبارڪ جو رحمتن ڀريو مهينو اسان جي درميان جلوه گر آهي۔ هن مُبارڪ مهيني ۾ ڪيئي عاشقانِ رسول نماز، روزو، تراويح وغيره ۾ مشغول ٿي ويندا آهن۔ اهڙي طرح هڪ تعداد آهي جيڪي هن مهيني ۾ تلاوت قرآنِ پاڪ جي سعادت ماڻيندي آهي۔ رمضان کي قرآنِ پاڪ سان هڪ خاص نسبت حاصل آهي، انهيء مناسبت سان آئنده هفتي جي بيان ۾ اسان قرآنِ پاڪ جي اهميت، ان جون فضيلتون ۽ فائدا ۽ بزرگانِ دِين جي قرآنِ ڪريم سان محبت جي واقعن سان گڏوگڏ ٻيا کوڙ مدني گل ٻڌڻ جي سَعادَت حاصل ڪنداسين. لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

)1( جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي