Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي ننڍي ڄمار جي ڪري مون کي مزيد (يعني وڌيڪ) ڏنائون، ان کان پوءِ جيڪي ماڻهو باقي رهي ويا هئا انهن کي انهن جو حصو ڏنو ويو۔ (شُعَبُ الْاِيمان، ۵/ ۹۹، حديث:۵۹۳۵ مُلَخَّصاً )

سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ننڍڙي صحابي حضرتِ سيدنا جابر بن عبدالله کي ٻين صحابه کان وڌيڪ حلوو ڏئي ڪهڙي طرح انهن کي خوش ڪيائون جو انهن ان واقعي کي ٻڌايو جيڪو حديث جي ڪتابن ۾ محفوظ ٿي ويو۔ نبي عَلَيه السَّلَام جو ٻارن تي شفقت جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌو۔

نُغَيرجو ڪهڙو حال آهي؟

حضرتِ سَيدُنا اَبو طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هڪ پٽ جو نالو ’’اَبُو عُمَير‘‘ هو، ان وقت هو کير پياڪ ٻار هئا هڪ ننڍي جھرڪي انهن سان گھڻي مانوس هئي، انهن سان کيڏندي هئي۔ نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن انهن جي گھر تشريف کڻي ويندا هئا ته ارشاد فرمائيندا هئا: ’’يا اَبَا عُمَير! مَا فَعَلَ النُّغَيرُ‘‘ يعني اي اَبُو عُمَير، نُغَير (پکيءَ) ڇا ڪيو؟ (بخاري،  ڪتاب الادب،  باب الانبساط الي الناس ،  ۴/ ۱۳۴،  حديث:۶۱۲۹)

واه واه! منهنجا ماءُ پيءُ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي قربان! ڪيترو پيارو انداز هو سندن جو۔ پيارا نبي عَلَيه السَّلَام جڏهن سفر تان واپس موٽندا هئا ته سندن انداز ڪهڙو هوندو هو، اچو ٻڌو!

رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن سفر تان واپس موٽندا هئا ۽ راھ ۾ ٻار سندن استقبال جي لاءِ ايندا هئا ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن وٽ بيهندا هئا، ڪن ٻارن کي سواري تي پنهنجي اڳيان ۽ ڪن کي پويان سوار ڪندا هئا. (مسلم، ڪتاب فضائل الصحابة، باب فضائل عبدالله بن جعفر، ص ۱۰۱۴،  حديث:۲۴۲۸ مفهوما) ۽ جيڪي ٻار رهجي ويندا هئا انهن جي باري ۾