Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

فارغ ٿيڻ وارا عالم ۽ مدنيه اسلامي ڀينرون دعوتِ اسلامي جي ڪيئي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اوهان به پنهنجي ٻارن، ڀينرن، ڀائرن ۽ مٽن مائٽن کي جامعات المدينه ۾ داخلا جي ترغيب ڏياريو. اميرِ اهلسنت فرمائن ٿا: هر مسلمان کي گهرجي ته  گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ کي عالم ۽ عالمه بڻائي.

داخلائن جي آخري تاريخ: 26 شوال المڪرم1440(30 جون 2019)

اسلامي ڀائرن جي داخلا جي لاءِ پنهنجي قريبي جامعة المدينه للبنين ۾ 10 کان 1 تائين ۽ اسلامي ڀينرن جي داخلا جي لاءِ پنهنجي قريبي جامعات المدينه للبنات ۾ هر جمعرات تي صبح 9:00 کان 1:00 تائين رابطو ڪري سگهجي ٿو.

رابطي جي لاءِ(0311.1753826) (صرف اسلامي ڀائرن جي لاءِ)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح، کتاب الایمان، باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، ۱/ ۹۷، حدیث:۱۷۵)

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں

نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سُنّتون ۽ آداب

اچو شيخِ طريقت ،اميرِ اهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان زلفن ۽ مٿي جي وارن جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ زُلف ڪڏهن اڌ ڪن مبارڪ تائين ته ٭ ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو (يعني پاپڙيءَ) ۽ ٭ ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪُلهن کي جهومي جهومي چمڻ لڳندا هئا. (الشمائل المحمدية، ص۳۴، ۳۵، ۱۸) ٭ صدرُالشّريعه بدرُالطّريقه حضرت علامه مولانا مفتي امجد علي اعظمي فرمائن ٿا: