Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

مرد کي جائز ناهي ته عورتن وانگر وار وڌائي، ڪجهه صوفي سڏائيندڙ وڏيون وڏيون چوٽيون وڌائيندا آهن جيڪي انهن جي سيني تي نانگن وانگر هيڏي هوڏي ٿينديون آهن ۽ ڪجھ چوٽيون به ٻڌندا آهن ۽ جوڙو (يعني عورتن وانگر وار ڪنڌ تي گڏ ڪري ڳنڍ) لڳائيندا آهن اهو ناجائز ڪم ۽ شريعت جي خلاف آهي، ٭ ننڍڙين ٻارڙين جا وار به مرداني انداز سان نه ڪٽايو، ننڍپڻ کان ئي انهن کي زنانه وار رکڻ جو ذهن ڏيو ٭ سنّت هي آهي جو جيڪڏهن مٿي جا وار هجن ته وچ مان سينڌ ڪڍي وڃي. ٭ اڄڪلهه قينچي يا مشين جي ذريعي وارن کي مخصوص نموني تي ڪٿي وڏا ته ڪٿي ننڍا ڪري ڇڏبا آهن اهڙا وار رکڻ سنت ناهي. ٭ ٻُچي (يعني اهي ڪجهه وار جيڪي چپ جي هيٺ کاڏي جي وچ ۾ هوندا آهن) ان جي آس پاس جا وار ڪٽائڻ يا اکيڙڻ بدعت آهي (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 358) ٭ ڏاڙھي يا مٿي ۾ ميندي لڳائي سمهڻ نه گھرجي، هڪ حڪيم جي بقول اهڙي طرح ميندي لڳائي سمهڻ سان مٿي وغيره جي گرمي اکين ۾ لهي ايندي آهي جيڪا بينائي جي لاءِ مُضر يعني نقصان دِه آهي۔ ٭ ميندي لڳائڻ واري جي مُڇَن، چپن جي هيٺان ڏاڙهي جي خط جي ڪناري طرف وارن جي اڇاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي جيڪا ڏسڻ ۾ سٺي نٿي لڳي، لهٰذا جيڪڏهن هر هر سڄي ڏاڙهي نٿا رنگي سگهو ته ڪوشش ڪريو هر چار ڏينهن کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ان جڳهين تي جتي جتي اڇاڻ نظر ايندي هجي ٿوري ميندي لڳائڻ گھرجي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

سیکھنے سنّتیں قافلے میں چلو             لُوٹنے رَحمتیں قافلے میں چلو