Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

ملڪ ۾ مَدَني مُنّن جي تعليم و تربيت جي لاءِ مدرسةُ المدينه (للبنين) ۽ مَدَني مُنّين جي لاءِ مدرسةُ المدينه (للبنات) قائم آهن۔ جن ۾ تَجوِيد ۽ قراءت سان قرآنِ ڪريم حفظ و ناظره پڙھايو ويندو آهي۔ مدرسة المدينه ۾ مَدَني مُنّن ۽ مَدَني مُنّين کي دِيني تعليم سان آراسته ڪرڻ سان گڏوگڏ خاص ڪري انهن جي اَخلاقي ۽ مَدَني تربيت تي به خصوصي ڌيان ڏنو ويندو آهي، اسلامي احڪامات جي مطابق اسلامي زندگي گذارڻ جو انداز سيکاريو ويندو آهي، سُنّتون ۽ آداب ٻڌايا ۽ سيکاريا ويندا آهن، ماءُ پيءُ جو ادب ۽ احترام سيکاريو ويندو آهي، ننڍن تي شفقت ۽ وڏن جو ادب ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي، نمازن جو پابند ۽ سُنّتن تي عمل ڪرڻ وارو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچڻ جو مَدَني ذهن ڏنو ويندو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدرسة المدينه (للبنين) مان حفظِ قرآن جي سعادت حاصل ڪرڻ وارا هزارين خوش نصيب حافظِ قرآن هر سال ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ نمازِ تراويح ۾ قرآنِ ڪريم (مُصلّٰو) ٻڌڻ، ٻُڌائڻ جي سعادت حاصل ڪن ٿا، هن وَقت به هزارين اهي حافظِ قرآن خوش نصيب جيڪي مدرسة المدينه (للبنين) مان حافظ بڻيا، عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجون دِيني خدمتون پيش ڪري رهيا آهن، ڪو اِمامت جي مُصلّي تي آهي ته ڪو تدريس جي منصب تي پهچي تعليمِ قرآن کي عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

آخري عشري جي اعتڪاف جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  هن سال دعوتِ اسلامي جي تحت آخري عشري جي سنت اعتڪاف جي ترڪيب ٿيندي. اوهان به هن سعادت کان فيض ياب ٿيو ۽ دعوتِ اسلاميءَ تحت آخري عشري جي سنت اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪيو.

جامعة المدينه ۾ داخلائن جي ترغيب

دعوتِ اسلامي جي شعبي جامعة المدينه للبنين(اسلامي ڀائرن جي لاءِ) جامعة المدينه للبنات (اسلامي ڀينرن جي لاءِ) علمِ دين جي شمع روشن ڪرڻ ۾ ڏينهن رات مصروفِ عمل آهي. جامعات المدينه ۾ شيخ طريقت امير اهلسنت طرفان عطا ڪيل مدني گلن جي روشني ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي علمِ دين جي نور سان منور ڪرڻ سان گڏوگڏ تنظيمي ۽ اخلاقي تربيت به ڏني ويندي آهي، جامعات المدينه مان