Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

صَلُّو       ْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                       صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ٻارن سان شفقت ڀريا انداز

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هميشه ٻارن سان الفت ڀريو ورتاءُ ڪيو، غور ڪريو! ننڍپڻ ۾ چنڊ سان کيڏڻ واري مصطفيٰ، بُرّاق جهڙي اعليٰ ترين سواري تي سوار ٿيڻ واري آقا عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پاڻ پنهنجي ڏوهٽن يعني حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا جي لاءِ سواري بڻيا۔

رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ٻارن سان شفقت جو عالم اهو هو جو نماز دوران سجدي جي حالت ۾ پٺ مبارڪ تي ٻارن جي موجودگي محسوس فرمائي سجدو ڊگھو ڪري ڇڏيندا هئا۔ (مسنداحمد،  ۵/ ۴۲۶،  حديث:۱۶۰۳۳ ملخصاًو مفهوماً)

ڪڏهن ڪڏهن نماز دوران ٻار جي روئڻ جو آواز ايندو هو ته پاڻ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام نماز ۾ تخفيف فرمائيندا هئا۔ (بخاري، ڪتاب الاذان،  باب من اخف الصلاة   ، ۱/ ۲۵۳، حديث:۷۰۷ مفهوماً) 

ٻارن سان شفقت ۽ مهرباني جو اهڙو ورتاؤ ڏسي حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْه چون ٿا: نبي پاڪ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارن تي شفقت فرمائڻ وارا هئا۔ (مسند ابو يعلٰي،  ۳/ ۴۲۵،  حديث:۴۱۸۱) 

مجلس مدرسة المدينه

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مدني تربيت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اداري مدرسة المدينه للبنين، للبنات، مدرسة المدينه جز وقتي، دارالمدينه، جامعة المدينه للبنين، للبنات ۽ مدني چينل وغيره مان فائدو وٺو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عنقريب ٻارڙن جو مدني چينل به اچڻ وارو آهي. دعوتِ اسلامي جا هي تمام شعبه ٻارڙن جي مدني تربيت ڪرڻ ۾ واڏا معاون آهن. تنهنڪري اوهان پاڻ به ۽ پنهنجي ٻارن کي به مدني ماحول سان وابسته ڪيو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي هن نازڪ دور ۾ مَحَبَّتِ الٰهي جا جام پيئارڻ ۽ عشقِ رسول سان دلين کي معمور ڪرڻ سان گڏوگڏ خدمتِ دين جي ڪم و بيش 107شعبن ۾ سُنّتن جون ڌُومون مچائي رهي آهي، انهن مان هڪ شعبو مجلس مدرسة المدينه به آهي، هن مجلس تحت ملڪ ۽ ٻاهرين