Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير، سهل بن الساعدي...الخ ج 6،  ص 185،  الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ اسان ”ٻارن تي شفقتِ مصطفيٰ جي باري ۾ ايمان افروز واقعا ٻڌنداسين۔ الله جا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن سان ڪيتري الفت ۽ شفقت ڀريو سلوڪ فرمائيندا هئا، ان باري ۾ ڪجھ ٻڌنداسين۔ اسان اهو به ٻڌنداسين ته ٻارن سان ڪهڙي طرح جو ورتاؤ ڪرڻ گھرجي۔ ٻارن جي مدني تربيت ۾ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري هوندو آهي، اهو به ٻڌنداسين۔ اي ڪاش! جو سڄو بيان چڱين چڱين نيتن سان گڏ ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مُصطَفٰي ڪريم جي پنهنجي ڏوهٽي تي شفقت

حضرت سيدنا ابو هريرهرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو ته هڪ ڏينهن رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي هٿ مان پڪڙيو هو، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جا پير نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي