Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

مبارڪ پيرن تي هئا، حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا هئا: ننڍڙا شهزادا! مٿي چڙهندا اچو، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي اڃا گھڻا ننڍا هئا، سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هٿ مبارڪ پڪڙي مٿي چڙھڻ لڳا، ايستائين جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيني اقدس تي پنهنجا قدم رکي ڇڏيا۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: وات کوليو! امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه وات کوليو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي منهن کي چُمي ورتو، پوءِ بارگاھ الٰهي ۾ دعا فرمائي: اَللّٰهُمَّ اَحِبَّه فَاِنِّيْ اُحِبُّهٗ الٰهي! مان هن کي محبوب رکان ٿو تون به هن کي محبوب رک۔ (الادب المفرد، باب الانبساط إلى الناس، ص ۷۲، حديث:۲۴۹، واللفظ له،  الاستيعاب ،  ۱/ ۴۴۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان اسان کي 3 مَدَني گل حاصل ٿيا۔ اچو! اسان به اهي مَدَني گل چونڊي پنهنجي دل جي مَدَني گلدستي ۾ سجائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا:

پهريون مدني گل اهو حاصل ٿيو ته صحابَه ڪرام سچا عاشقِ رسول ۽ زبردست قوتِ حافظه جي دولت سان مالامال هئا، جيڪي مخلوقِ خدا جي لاءِ رحمت بڻجي تشريف فرما ٿيڻ واري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ مبارَڪه ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي معمولات کي وڏي ڌيان سان ڏسي ۽ ٻُڌي انهن کي پنهنجي دل و دماغ جي ميموري (Memory) ۾ محفوظ ڪري ٻين کي بيان ڪندا هئا۔ اهڙي طرح احاديث مبارڪه جو وڏو ذخيرو اسان تائين پهتو۔ الله پاڪ انهن تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بخشش فرمائي۔

ٻيو مدني گل اهو مليو ته صحابَه ڪرام اُمّت تي مهربان آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتن کي، پيارين پيارين ادائن کي جھڙي طرح ڏسندا يا ٻڌندا هئا ته پوري ايمان داري سان ان کي اڳتي بيان ڪندا هئا، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به پنهنجي تمام معاملن ۾ ديانت داري کي پيشِ نظر رکون ۽ ڪوڙ، فريب ڪاري کي پنهنجي ويجھو اچڻ نه ڏيون۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔