Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

ته انهن جي طبيعت ۾ چِڙچڙو پن، پيدا ٿي سگھي ٿو، بلڪه بار بار تشدد ڪرڻ انهن کي بدتميزي ۽ بدمزاجي تي اڀاري سگھي ٿو، ائين ان قيمتي هيري جي غلط تراش خراش ان کي بي مُلھ ۽ بيڪار بڻائي ڇڏيندي آهي جڏهن ته ٻارن جي دلجوئي ڪرڻ ۽ انهن سان مِلي ڪري رهڻ، چڱن ڪمن تي انهن جي مناسب حوصله افزائي ڪرڻ، انهن سان پيار و محبت وارو ورتاؤ ڪرڻ، انهن جي شڪوا شڪايتن تي مناسب ڪاروائي ڪرڻ، انهن کي راند روند جا سٺا ۽ محفوظ موقعا ڏيڻ سٺيون ۽ سبق آموز آکاڻيون ٻڌائڻ مثال طور قرآني واقعن جي لاءِ عجائب القرآن ڪتاب، صحابه رَضِیَ اللہُ عَنْہُم اَجْمعین جي حالات جي  لاءِ ”ڪراماتِ صحابه“ ٻارن جي ڪهاڻين جي لاءِ ”فرعون جو خواب، پٽ هجي ته اهڙو، نور وارو چهرو، ڪوڙو چور وغيره.

هي سمورا طريقا ٻارن ۾ خود اعتمادي، برداشت ۽ حُسنِ اَخلاق جهڙيون خوب صورت وصفون پيدا ڪندا آهن۔ اهڙي طرح ڪڏهن ٻارن کان غلطي ٿي به وڃي ته ڪاوڙ ۾ لال پيلو ٿيڻ جي بدران نرمي سان انهن جي اصلاح ڪريو ۽ آئنده اهڙن ڪمن کان بچڻ جو ذهن ڏيو۔ ياد رکو! ٻارن سان وڏو بڻجي رهڻ ڪمال نه آهي بلڪ ٻارن سان ٻار بڻجي رهڻ ۽ انهن سان ملي ڪري رهڻ ئي ڪمال آهي۔

ٻارن جي اسلامي تربيت جي لاءِ ڪجھ اهم مدني گل 

1.ٽن سالن واري عمر جي ٻار جي سامهون، سيکارڻ جي نيت سان ” الله، الله“ چئو ته جيئن ان جي وات مان پهريون لفظ”الله“ نڪري ۽ جڏهن ڪجھ لفظ ڳالهائڻ لڳي ته لفظ”الله“ ڳالهائڻ جو عادي ٿي وڃي.

2.ٽي کان چار سال جي عمر ۾ پورو ڪلمو لَاۤاِلٰہَ اِلَّااُمُحَمَّدٌ رَّسُول اللہ( صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ )   سيکاريو.

3.چئن سالن جي عمر کان ”مدني قاعدي“ جي ترڪيب ڪيو. ڪجھ بزرگن جو معمول رهيو آهي ته اهي ٻارن جي ”رسمِ بسم الله“ (يعني بسم الله شريف پڙهائڻ جي تقريب) 4 سال، 4 ماھ ۽ 4 ڏينهَن جي عمر ۾ ڪندا هئا.

4.چئن سالن جي عمر جي ٻارن کي کائڻ پيئڻ جا آداب (مثال طور هٿ ڌوئي کائڻ، ويهي کائڻ، مٿو ڍڪي کائڻ وغِيره)، هلڻ ڦرڻ جا، ڳالهائڻ جا، ڪپڙا صحيح طرح پائڻ جا، حياء جا آداب سيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو. اها عمر ابتدائي