Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

آداب سيکارڻ جي لحاظ کان تمام اهم آهي.

5 .  5 سالن جي عمر کان ٻارن کي پياري آقا مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۽ ٻين نبين سڳورن جا معجزا، صحابه ڪرام ۽ اهلبيتِ اطهار(رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم) جا واقعا، اولياءِ ڪرام(رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم) جو ڪرامتون ٻڌائڻ ۽ نعتن ۽ منقبتن جا ڪجھ شعر ياد ڪرائڻ شروع ڪيو، ٿي سگهي ته گهر ۾ وقت به وقت نياز جي ترڪيب بڻايو هن جو فائدو اهو حاصل ٿيندو جو ننڍپڻ کان ئي ٻارن جي دلين ۾ بزرگن جي محبت پيدا ٿي ويندي ۽ ننڍپڻ جي محبت ممڪن آهي مرڻ مهل تائين باقي رهي.

6. 5کان 7 سالن جي عمر تائين محبت ۽ پنهنجائپ سان علماءِ ڪرام، قاري صاحب، امام صاحب، استاد صاحب ۽ وڏن جو ادب ڪرڻ سيکاريو. ان جو هي فائدو ٿيندو جو اولاد والدين جو به ادب ڪندو ۽ شادي کانپوءِ ڇوڪري پنهنجي مڙس جو به احترام ڪندي.

7.اسلامي تاريخ جي مطابق جنهن ڏينهن اهي 7 سالن جا هجن، جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي ته ان ڏينهن گهر ۾(پردي ۽ شرعي احڪام جي پابندي سان) ڪا تقريب رکي ڪري، زندھ هجي ته پيءُ نه ته  ڪو سرپرست ان کي نماز جو حڪم ڏيئي، ان سان ان جي دماغ ۾ نماز جي اهميت اجاگر ٿيندي بلڪ سموري خاندان جي ٻارن جي دل ۽ دماغ ۾ اجاگر ٿي ويندي.

8. کان 9 سال جي عمر شرعي مسئلن ۽ ديني تربيت جي لاءِ سڀ کان اهم ترين وقت آهي. نماز جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ هاڻي نرمي سان نماز جي طرف آڻيو، ٿي سگهي ته  نماز جي حاضري واري ڪاپي جي ترڪيب بڻايو، آلارم وغيره جي ذريعي پاڻهي اٿڻ جو عادي بڻايو، نماز جا وقت ڏسڻ سيکاريو ۽ نماز واري نقشي جي ڪاپي ڏياريو، گڏو گڏ نماز، سورة فاتحه ۽ ٻين سورتن ۽ اذڪارِ نماز( جيڪو ڪجھ نماز ۾ تلاوت کان علاوه پڙهيو ويندو آهي) به سيکاريو.

9. انهي عمر ۾ آهسته آهسته ٻار جي عقل مطابق اسلامي عقائد ٻڌايا وڃن. وضو ۽ نماز جو عملي طريقو سيکاريو وڃي، غسل ۽ تيمم ڪرڻ، روزي رکڻ ۽ ڪپڙا پاڪ ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو وڃي(مثال طور ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن ڪپڙن تي رت لڳي وڃي ته هيئن پاڪ ٿيندو وغيره).

10.هاڻي ان جي اخلاقن کي سڌارڻ جي لاءِ هلاڪت ۾ وجهڻ وارين شين مثلاً(حرص، لالچ، حبِ دنيا، حبِ جاه، عجب، تڪبر، خيانت، ڪوڙ، ظلم، فحش، غيبت، حسد، ڪينو وغِيره) جون خرابيون بيان ڪيو. اهڙي طرح نجات ڏيارڻ وارين ڳالهين مثلاً (توڪل، قناعت، زهد، اخلاص، تواضع، امانت، صدق، عدل، حياء، دل جي سلامتي ۽ زبان وغيره) جون خوبيون بيان ڪيو.

11.هاڻي پهرين درجي جا ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪري ڏيو ته جيئن بالغ ٿيڻ کان پهريان اهي ٻار فرض علوم ڄاڻڻ وارا ٿين.

12.پهرين درجي کان پوءِ پٽ هجي ته سورة مائده ۽ ڌيءُ هجي ته سورة نور جو ترجمو ڪنز الايمان(تفسير سان) پڙهايو يا ان کان مڪمل ڪرايو ۽ ٿي سگهي ته ان جي مڪمل ٿيڻ تي گهر ۾(پردي ۽ شرعي احڪام جي پابندي سان) تقريب رکو ته جيئن انهن سورتن جي تعليم جو رواج پئجي وڃي.

13.جڏهن پٽ بالغ ٿيڻ جي ويجهو ٿئي ته پيءُ ۽ ڌيءُ بالغ ٿيڻ جي ويجهو هجي ته ماءُ خاص مسئلا پاڻ سيکارين، هي ڪم هر گز ٻئي جي حوالي نه ڪن.

14. انسان درمياني حال، درمياني عمر، درمياني ڪيفيت جي مطابق پنهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو حصو پنهنجي گهر واري سان گڏ گذاريندو آهي، ٻارن جي تربيت جي مدني مهم ۾ ٻارن جي ماءُ کي پنهنجو معاون بڻائڻ ضروري آهي. علم ۽ عمل، زهد ۽ تقوٰي ۾ اسان پنهنجو رفيقِ سفر بڻائڻ سان گڏوگڏ ان کي نيڪي جي دعوت ۽ اولاد جي تربيت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۽ مدني ڪمن يا شعبن سان