Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

وارو آهي.

هن آيتِ سڳوري تحت تفسيرِ صراطُ الجنان جلد 1 صفحي 395 تي آهي: راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ وارن جي فضيلت هڪ مثال جي ذريعي بيان ڪئي پئي وڃي ته اهو ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ هڪ داڻو ٻج پوکيندو آهي جنهن مان ست سنگ نڪرندا آهن ۽ هر سنگ مان سؤ داڻا پيدا ٿيندا آهن۔ ڄڻ هڪ داڻو ٻج جي طور تي پوکيندڙ ست سؤ ڀيرا وڌيڪ حاصل ڪندو آهي، اهڙي طرح جيڪو شخص راھ خدا ۾ خرچ ڪندو آهي، الله تعاليٰ ان کي ان جي اخلاص جي اعتبار سان ست سؤ ڀيرا وڌيڪ ثواب عطا ڪندو آهي ۽ اها به ڪا حد نه آهي بلڪ الله تعاليٰ جا خزانا ڀريل آهن ۽ هو ڪريم ۽ جواد آهي جنهن جي لاءِ چاهي ان کان به وڌيڪ ثواب عطا ڪندو آهي۔ (صراط الجنان،۱/۳۹۵)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته صدقو ڏيڻ سان ظاهري طور مال گھٽ ٿي رهيو هوندو آهي پر حقيقت ۾ ڏيڻ واري جي اعمال نامي کي نيڪين سان ڀري رهيو هوندو آهي۔ جھڙي طرح کوھ جو پاڻي ڪڍڻ سان گھٽ ناهي ٿيندو بلڪ وڌندو ويندو آهي، اهڙي طرح راھ خدا ۾ خرچ ڪيل مال به گھٽ ناهي ٿيندو بلڪ ان ۾ ويتر برڪت ۽ اضافو ٿيندو ويندو آهي۔ غيب جون خبرون ڏيڻ واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي زبانِ حق ترجمان سان صدقي جون ڪيئي فضيلتون بيان ڪيون آهن، اچو! صدقي جي فضيلت تي 8 حديث سڳوريون به ٻڌون ٿا:

صدقي جي فضليت تي 8 فرمانِ مُصطَفٰي

 .1فرمايائون: اَلصَّدَقَة تَسُدُّ سَبْعِیْنَ بَابًا مِّنَ السُّو ءِ، صدقو بُرائي جا 70 دروازا بند ڪندو آهي. (المعجم الڪبير ، ۴/۲۷۴، حديث:۴۴۰۲)

.2 فرمايائون: کُلُّ امْرِئٍ فِیْ ظِلِّ صَدَقَتِہٖ حَتّٰی یُقْضٰی بَیْنَ النَّاسِ، هر شخص (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو ايستائين جو ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو