Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

ايوب بن وائل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چون ٿا: مون ڏٺو ته حضرت سيدُنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا بازار آيا ۽ کوٽا دِرهم (هتي کوٽي درهم مان جعلي ڪرنسي مراد ناهي بلڪ اهي درهم مراد آهن جيڪي ماليت ۾ عام درهم کان گھٽ هجن) جي بدلي ۾ پنهنجي سواري جي لاءِ گاهه خريد ڪيائون۔ مون سندن کي سڃاڻي ورتو پوءِ مون سندن گھرواريءَ وٽ اچي چيو ته ”مان اوهان کان ڪجھ پڇڻ چاهيان ٿو ۽ مان اهو پسند ڪيان ٿو ته اوهان مون سان سچ بيان ڪيو۔“ مون پڇيو: ”ڇا ابو عبدالرحمٰن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ حضرت سيدُنا اميرِ مُعَاوِيه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي طرفان 4 هزار درهم، هڪ ٻي ماڻهو جي طرفان 4 هزار درهم ۽ هڪ شخص وٽان 2 هزار درهم ۽ هڪ چادر نه آٓئي هئي؟“ جواب مليو: ”ڇو نه! يقيناً اهو سڀ ڪجھ آيو هو۔“ مون چيو ته ”مون ته انهن کي کوٽي درهم جي عوض چارو خريد ڪندي ڏٺو آهي۔“ ان تي سندن گھرواريءَ ٻڌايو ته ”انهن ته اهو سڀ مال رات ئي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو هو ۽ چادر پنهنجي ڪلهي تي رکي نڪتا ۽ ان چادر کي واپس موٽائي گھر اچي ويا۔“ (حلية الاولياء، ۱/۳۶۸،۱۰۲۱ )

هڪ لک درهم صدقو ڪري ڇڏيا!

حضرت سيدُنا محمد بن سُوقه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تابعين مان هئا، وڏا نيڪ ۽ خوفِ خدا جا پيڪر هئا۔ هڪ ڀيري انهن پاڻ وٽ گڏ ٿيل مال کي ڳڻيو ته اهو هڪ لک درهم هئا، پوءِ فرمائڻ لڳا: مون اهڙي ڪا ڀلائي گڏ نه ڪئي، جنهن کي مان باقي رکان ته اها وڌندي رهي ۽ مان ان جي لاءِ وڌندو رهان۔ اهو چئي سمورو مال صدقو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اڃان هفتو به پورو نه ٿيو هو ته سندن وٽ ان مان صرف سؤ (100) درهم باقي رهجي ويا۔ جڏهن ته هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته سيدُنا محمد بن سُوقه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي پنهنجي والد کان وراثت ۾ هڪ لک درهم مليا۔ انهن اهي سڀ جا سڀ راھ خدا ۾ صدقو ڪري ڇڏيا۔ ايستائين جو پاڻ وٽ ڪجھ به باقي نه بچيو۔ (اللّٰه والوں كي باتيں،۵/۱۰،۹)

دَولتِ دنیاکے پیچھے مارا مارا کیوں پھروں!