Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

حضرت سَيدُنا قيس بن سَلع انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته منهنجي ڀائرن حضورِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان منهنجي باري ۾ شڪايت ڪئي ته قيس فضول خرچي ڪندو آهي ۽ ان مُعاملي ۾ گھڻو هٿ جو کليل آهي، ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايائون: توهان جي ڀائرن جو ڇا مسئلو آهي، اهي هن گمان تي تنهنجي شڪايت ڪري رهيا آهن ته تون پنهنجي مال ۾ گھڻي فضول خرچي ڪندو آهين ۽ تنهنجو هٿ گھڻو کليل آهي؟ مون عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان آمدني مان پنهنجو حصو وٺي الله جي راھ ۾ ۽ پنهنجن دوستن ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو آهيان پوءِ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي سيني تي دستِ مبارڪ رکيائون ۽ 3 ڀيرا فرمايائون: خرچ ڪر الله تو کي عطا ڪندو۔ حضرت سَيدُنا قيس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ان کان پوءِ جڏهن به مان راھ خدا ۾ نڪرندو هئس ته مون وٽ پنهنجي سواري هوندي هئي ۽ هاڻي مان مال ۽ آسائش ۾ پنهنجي اهلِ خانه (ڀائرن) کان وڌيڪ آهيان۔ (معجم الأوسط، ۶/۲۱۰،حديث:۸۵۳۶)

پٽ کي الله پاڪ خوشحال ڪندو

حضرتِ سيدُنا عون بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تابعي سڳورن مان آهن۔ دلجمعي سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ، مالدارن کان پري رهڻ ۽ غريبن مسڪينن تي نرمي ۽ شفقت ڪرڻ سندن جي مبارڪ عادات هئي۔ منقول آهي ته هڪ ڀيري حضرتِ سيدُنا عون بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ويھ (20) هزار کان وڌيڪ درهم مليا ته پاڻ صدقو ڪري ڇڏيائون۔ سندن جي ڪجھ دوستن عرض ڪيو: جيڪڏهن اوهان انهن کي پنهنجي پٽ جي خوشحاليءَ جي لاءِ استعمال ڪريو ها ته وڌيڪ بهتر هو؟ فرمايائون: مون پنهنجو پاڻ کي هن صدقي جي ذريعي مضبوط (Strong) ڪيو آهي ۽ منهنجي پٽ کي الله پاڪ خوشحال ڪندو۔

 

حضرتِ سيدُنا عون رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اِخلاص ۽ توڪل سان ڏنل صدقي جو نتيجو اهو نڪتو جو حضرتِ سيدُناابو اُسامه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: آلِ مسعود