Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

۾ حضرتِ سيدُنا عون رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پٽ کان وڌيڪ ڪوبه خوشحال نه هو۔(اللّٰه والوں کی باتيں، ۴/۳۰۲ )

هٿوهٿ صدقي جي برڪت ظاهر ٿي وئي!

امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مايه ناز تصنيف ”فيضانِ سُنّت“ جي صفحي 513 تي هڪ واقعو نقل ڪن ٿا: پنهنجي دور جا ابدال حضرت سيّدُنا ابو جعفر بن خطاب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، منهنجي دروازي تي هڪ سائل (يعني سواليءَ) صدا هنئي مون گهرواريءَ کان پُڇيو: ته ڇا تو وٽ ڪجهه آهي؟ جواب مليو: چار(4) آنا موجود آهن مون چيو: سوالي کي ڏئي ڇڏيو، گهر واريءَ حڪم جي تعميل ڪندي اهي آنا سائل کي ڏئي ڇڏيا. سائل آنا وٺي هليو ويو، اڃان ٿوري دير ئي گذري هئي جو مون وٽ هڪ دوست آنن سان ڀريل هڪ ٽوڪري موڪلي. مون گهر واريءَ کان پُڇيو، ٽوڪري ۾ ڪل ڪيترا آنا آهن؟ ان چيو:  ٽيھ. مون چيو: توهان ته فقير کي 4  چار آنا ڏنا هئا، هي 30 ڪهڙي حساب سان آيا! چوڻ لڳيون: ٽيهه آنا صحيح آهن ۽ باقي 10 ڀڳل آهن، ان جي هڪ وجھ اها هئي ته سائل کي جيڪي آنا ڏنا ويا هئا انهن مان ٽي صحيح ۽ هڪ ڀَڳل هئو. ربّ تعاليٰ هر هڪ جي بدلي ۾ ڏهه ڏهه عطا فرمايا. صحيح جي بدلي صحيح ۽ ڀڳل جي بدلي ڀڳل. (روض الرياحين، ص۱۵۱)

دولت نہ مال اور خزینے کی باتیں

سناؤ ہمیں بس مدینے کی باتیں

مِری یاوَہ گوئی کی عادَت نکالو

کروں میں ہمیشہ قرینے کی باتیں

(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۲۷۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بزرگانِ دِين جو ڪامل توڪل ۽ اخلاص سان سخاوت ڪرڻ جو جذبو مرحبا! جيڪڏهن اسان به صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جو