Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

جذبو وڌائڻ چاهيون ٿا ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهون ۽ جنهن کان جيترو ٿي سگھي، پنهنجي ٻين مصروفيات مان ڪجھ نه ڪجھ وقت مدني ڪمن جي لاءِ ضرور ڪڍن، انهن مدني ڪمن ۾ شامل ٿيڻ جي برڪت سان اسان گناهن کان بچندا رهنداسين، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ٿيندو رهندو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن خوش نصيبن ۾ اسان جو شُمار ٿيندو، سٺي صحبت مُيسّر ٿيندي، هرعاشقِ رسول جي لاءِ دعوتِ اسلامي جا مدني ڪم ڪرڻ جا کوڙ آسان موقعا آهن، جيڪڏهن هاڻي به اسان عملي طور تي مدني ڪمن ۾ شامل نه ٿي سگھون ته شايد ڪيئي نيڪين کان محرومي ٿي سگھي ٿي۔ هن عظيم مدني مقصد ’’مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي‘‘ کي ماڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو، نيڪي جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيو۔

سومر شريف جو روزو ۽ مدني انعامات تي عمل جا فائدا

     پنهنجي اصلاح جي ڪوشش جي لاءِ مدني انعامات تي عمل ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻائڻ گھرجي۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇُڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن کان اَميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلامي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت نصيب ٿيندي آهي ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري آهي، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔ انهن مدني انعامات مان مدني انعام نمبر 58 آهي، ڇا اوهان هن هفتي سومر شريف (يا رهجي وڃڻ جي صورت ۾ ڪنهن به ڏينهن) جو روزو رکيو؟ ۽ هن هفتي گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڏينهن کاڌي ۾ جَوء شريف جي ماني کاڌي؟