Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

رهي ته هڙ ۾ ٻڌي ڪري گھر ۾ ڪم ڪرڻ واري ماسي کي ڏئي ڇڏڻ۔ سيلاب متاثرن يا آفت زده ماڻهن کي گھٽ قيمت وارو راشن ڏيارڻ، يا اهي ڪپڙا جيڪي گھر ۾ ڪوبه نه پائي، يا اهي جُوتا جيڪي پائڻ جي قابل ناهن هوندا، اهي اِمداد ۽ صدقي طور موڪليا ويندا آهن، توڙي جو سٺي نيت سان اهڙي طرح صدقو ڪرڻ به درست آهي، پر ٿورو سوچيو ته سهي اها ڪهڙي عجيب ڳالھ آهي جڏهن پنهنجي کاڌي پيتي يا اِستِعمال جي ڳالھ اچي ته بهتر کان بهتر شيءِ جي چونڊ (Selection) ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن راھ خُدا ۾ ڏيڻ جي ڳالھ اچي ته بچيل اوبر يا گھٽ قيمت واريون شيون صدقو ۽ خيرات ڪيون وڃن۔ پنهنجي ٻارن جي لاءِ ته اَعليٰ کان اَعليٰ ڪوالٽي واريون شيون خريد ڪيون وڃن، پر جڏهن ڪنهن غريب جي ٻار کي ڏيڻو هجي ته گھٽ معيار جي شيء اها به احسان جتائي ڏني وڃي۔ اسان پنهنجي گھر ۾ ته من پسند کاڌا وڏي اهتمام سان کائون پر انهيء دوران ڪو سوالي اچي ته ان کي ڌڪاري ڇڏيون يا گھر ۾ بچيل اوبر جنهن کي ڪوبه نه کائي ان کي ڏئي هن خوش فهمي جو شڪار ٿي ويندا آهيون ته چڱو ٿيو کاڌو ضائع ٿيڻ کان بچي ويو ۽ ڪنهن غريب جو ڀلو ٿي ويو۔ جڏهن ته ٿيڻ اهو گھرجي ته الله پاڪ جن کي استطاعت ڏني آهي اهي بهتر کان بهتر شيء الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن۔ اچو! هاڻي الله وارن جا به ڪجھ انداز ٻڌون ٿا ته الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها الله جي راھ ۾ خرچ جي سلسلي ۾ ڪيترا مخلص هوندا هئا:

انگور جو ڇڳو ان کي ڏئي ڇڏ

حضرت سيدُنا نافع رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضرت سيدُنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کي بيماري جي حالت ۾ انگور (Grapes) کائڻ جي خواهش ٿي ته مان هڪ درهم ۾ انگورن جو هڪ ڇڳو وٺي آيس۔ مون اهي انگور سندن هٿ ۾ رکيا ئي هئا ته هڪ سائل (يعني سوال ڪرڻ واري) دروازي تي بيهي سوال ڪيائين۔ حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اهي انگور سائل کي ڏيڻ جو چيو ته مون عرض ڪيو: هن مان ڪجھ ته کائو، ٿورا ته چکي وٺو۔