Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

صفحن تي مشتمل رسالي "عُشر جا اَحڪام" ۽ "چندو ڪرڻ جا شرعي اِحتياط" جو لازمي مُطالَعو ڪن ۽ شريعت جي مُطابق پنهنجي فصل جي زڪوٰة ڪڍڻ جي باري ۾ دارُ الافتاء اهلسنت کان ضرور رهنمائي حاصل ڪن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

زڪوٰة ادا ڪرڻ جا مدني گل!

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو زڪوة ادا ڪرڻ جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهريان ٻه فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1) توهان جي اسلام جو پورو ٿيڻ اهو آهي ته پنهنجي مال جي زڪوٰة ادا ڪريو۔ (مجمع الزوائد،ڪتاب الزڪاة،۳ /۱۹۸،حديث: ۴۳۲۶) (2) اسلام جو بنياد پنج (5) شين تي آهي، انهن مان هڪ زڪوٰة ادا ڪرڻ به آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الايمان ،۴/۲۷۵ حديث:۲۶۱۸ماخوذاً) ٭ قرآنِ پاڪ ۾ الله پاڪ ڪيئي هنڌن تي زڪوٰة ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان جي اهميت بيان ڪئي آهي۔ ٭ اسان جي رهنمائي فرمائن واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيترين حديث سڳورين ۾ زڪوٰة ادا ڪرڻ جي ترغيب به ڏياري۔ ٭ صحابهٔ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان به دل کولي راھ خدا ۾ پنهنجو مال صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا۔ ٭ زڪوٰة جي ادائيگي فرض آهي۔ (بهارِ شريعت،۵/۸۷۴ ملخصاً) ٭ وقت تي زڪوٰة ادا ڪرڻ سان غريبن کي فائدو پهچندو آهي۔ ٭ قريبي رشتيدار زڪوٰة جا حقدار هجن ته انهن کي زڪوٰة ڏيڻ وڌيڪ اجر ۽ ثواب جو سبب آهي۔ ٭ زڪوٰة ادا نه ڪرڻ سان انفرادي و اجتماعي، دنياوي ۽ اُخرَوِي هر طرح جو نقصان پهچي سگھي ٿو جيئن ته پاڻ ڪريمن