Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! فرض روزن سان گڏ نفلي روزو رکڻ تمام وڏي سعادت جي ڳالھ آهي، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني انعامات ۾ نفل عبادتن جو شوق ڏياريندي هر سومر شريف جو روزو رکڻ جي ترغيب ڏياري آهي ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جامعة المدينه جا شاگرد ۽ ٻيا کوڙ اسلامي ڀائر، اهڙي طرح جامعات المدينه للبنات جي شاگردياڻين ۽ معلمات کان علاوه ڪثير اسلامي ڀينرون به سومر شريف جو نفلي روزو رکڻ جي سعادت حاصل ڪنديون آهن، اچو نفل روزن جي فضيلت تي ٻه (2) فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿا:

نفلي روزن جي فضيلت

 .1فرمايائون: جيڪڏهن ڪو شخص هڪ ڏينهن نفلي روزو رکي پوءِ ان کي سڄي زمين برابر سون به ڏنو وڃي، تڏهن به ان جو ثواب قيامت جي ڏينهن ئي پورو ٿيندو۔ (مجمع الزوائد ،ڪتاب الصيام ، باب في فضل الصوم ، ۳/۴۲۳، حديث: ۵۰۹۲)

 .2فرمايائون: جنهن لَاۤاِلٰه اِلَّا الله پڙهيو ۽ انهيء تي ان جو خاتمو ٿيو ته اهو جنّت ۾ داخل ٿيندو ۽ جيڪو الله پاڪ جي رِضا چاهيندي ڪنهن ڏينهن روزو رکي پوءِ انهيء تي ان جو خاتمو ٿي وڃي ته اهو جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ جيڪو الله پاڪ جي رضا جي لاءِ صدقو ڪري ۽ انهيء تي ان جو خاتمو ٿئي ته اهو جنت ۾ داخل ٿيندو۔ (مسند احمد بن حنبل، ۹ / ۹۰،حديث : ۲۳۳۷۴)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رجب المرجب جو مهينو هلي رهيو آهي، هن مهيني ۾ به نفلي روزن رکڻ جون وڏيون برڪتون آهن، تنهنڪري اهي برڪتون ۽ فضيلتون ماڻڻ جي لاءِ هن مهيني جا اڪثر ڏينهن روزن سان گذارڻ جي ڪوشش ڪريو۔ حديث سڳورين ۾ رَجَب جي نَفل روزن جون ڪيئي فضيلتون بيان ڪيون ويون آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ رجب جا روزا رکڻ جي فضيلتن تي ٻه (2) حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

 .1حَضرتِ سيّدنا ابو قِلابه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:رجب جي روزي دارن جي لاءِ جنّت ۾ هڪ مَحَل آهي.“ (شُعَبُ الايمان ج3ص368حديث3802،از فيضانِ سُنّت،ص1365)