Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

.2حضرت سيّدنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”جنّت ۾ هڪ نهر آهي جنهن کي رجب چيو وڃي ٿو، ان جو پاڻي کير کان وڌيڪ سفيد ۽ ماکي کان وڌيڪ مٺو آهي، پوءِ جيڪو رجب جي مهيني ۾ هڪ روزو رکندو الله پاڪ ان کي ان نهر مان سيراب فرمائيندو.“ (شُعَبُ الايمان ج3ص367حديث3800،از فيضانِ سُنّت،ص1362)

    الله پاڪ اسان کي ٻين نفلي روزن سان گڏ رجب شريف جا روزا رکڻ جي به توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

عبادت میں گزرے مِری زِندگانی

کرم ہو کرم یاخدا! یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش مرمّم،ص۱۰۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪهڙو مال صدقو ڪرڻ گھرجي

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان صدقو ۽ خيرات ڪرڻ بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ يقيناً اِخلاص سان راھ خدا ۾ ڪيو ويندڙ خرچ ضائع ناهي ٿيندو۔ راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ وقت هن ڳالھ جو به خيال رکڻ گھرجي ته جيڪا شيء اوهان کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده هجي، ان کي صدقو ۽ خيرات ڪريو ڇوته ان جو ثواب گھڻو آهي۔

   بد قسمتي سان ڪڏهن ڪڏهن صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ۾ ڪنجوسي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، يا وري اهڙي شيء صدقو ڪئي ويندي آهي جيڪا استعمال جي لائق ناهي رهندي۔ مثال طور جڏهن ڏٺائون ته مانيون سينورجي چڪيون آهن، ٻوڙ خراب ٿي چڪو آهي، يا خراب ٿيڻ جي ويجھو هوندو آهي ته غريب پاڙيسري کي ڏئي ڇڏڻ۔ قُرباني جو گوشت جڏهن پنهنجي اِستعمال جي قابل نه