Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

مشورةً عرض آهي ته اسان روزانو هڪ رقم خاص ڪيون مثال طور 5 روپيا ئي سهي، پوءِ ان جي مطابق اسان روزانو پنهنجو حصو وجھندا وڃون ۽ مجلس مدني عطيات بڪس جي طئي شده طريقي جي مطابق اهي مدني عطيات جمع به ڪرائي ڇڏيون۔ جيڪي دُڪانن وغيره تي بڪس رکيا ويندا آهن، هن کي "مدني عطيات بڪس" ۽ جيڪي گھرن ۾ بڪس رکيا ويندا آهن، اُن کي"گھريلو صدقه بڪس" چئبو آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مَجلسِ عُشر و اطراف گاؤن

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بدقسمتي سان اڄڪلھ علمِ دين کان دُوري ۽ دُنيا داريءَ آبادگار مسلمانن کي عُشر ۽ زڪوٰة جهڙي عظيم عِبادَت جي ادائيگي کان پري ڪري رکيو آهي، ان ڪري مُسلمانن جي خير خواهي ۽ عُشْر جي اَھمِّيت جي پيشِ نظر مُسلمانن ۾ هن عظيم مالي عِبادَت کي اَدا ڪرڻ جو شعور بيدار ڪرڻ ۽ اُنهن کي اَدائگي نه ڪرڻ جي گُناھ کان بچائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي تحت ”مجلسِ عُشْر واطراف گاؤن“ جو قِيام عمل ۾ آندو ويو آهي۔ عُشْر درحقيقت زمين جي زڪوٰة آهي۔ زمين ۾ جيڪي فَصل وغيره ٿين ٿا، ان جو ڏهون (10/1) حِصّو ۽ ڪڏهن ويهون (20/1) حصّو پيداوار جي زڪوٰة فرض ٿيندي آهي، تنهنڪري عُشْر جي ڏينهَن ۾ هفتيوار ۽ ٻين سُنّتن ڀري اجتماعن ۾ راھ خدا ۾ خَرچ ڪرڻ جا فضائل بيان ڪري دعوتِ اسلامي کي عُشْر ڏيڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي۔ هن شعبي جا ذِمه دار، عُشر جي وصولي جي لاءِ وقت به وقت هارين، زميندارن، باغن جي مالڪن وغيره سان اِنفرادي ڪوشش جي ذريعي رابطو ڪندا رهندا آهن، "ڪسان(هاري) اجتماعات" جو به اِنعقاد ڪيو ويندو آهي، رِسالو "عُشر جا احڪام" تقسيم ڪري عُشر ڏيڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي۔ خاص ڪري زميندارن کي گھرجي ته عشر جي باري ۾ معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 48