Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

آپ ہی ہیں میری دَولت اور ثَروت یارسول!

آمِنہ کے لال! مجھ کو دیجئے سوزِ بلال!

مالِ دُنیا سے مجھے ہو جائے نفرت یا رسول!

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۲۴۲،۲۴۱)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شهزادي حضرت سَيدُنا عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۽ حضرت سَيدُنا محمد بن سُوقه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سخاوت جو جذبو مرحبا! اي ڪاش! الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ وارين انهن عظيم هستين جي صدقي اسان کي به صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي۔ راھ خدا ۾ ڏيڻ مهل شيطان اهو وسوسو وجھندو آهي ته جيڪڏهن مون هتي پيسا ڏنا ته گھر جو خرچ ڪيئن هلائيندس؟ پنهنجي ضرورتن کي ڪيئن پورو ڪندس؟ منهنجي ٻار ٻچن جو خرچ ڪيئن هلندو؟ ياد رکو! اهي سڀئي شيطان جا وسوسا آهن۔ صدقو ڏيڻ سان مال گھٽ ناهي ٿيندو۔

حضرت ابوڪبشه اَنۡمارِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته اُن غيب ٻڌائڻ واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو ته هن ڳالھ تي مان قسم کڻان ٿو ته ڪنهن ٻانهي جو مال صَدَقو ڪرڻ سان گھٽ ناهي ٿيندو۔

(مرآة المناجيح ، ۷/۹۹)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سچيون ڳالهيون ٻڌائڻ واري آقا، غريبن کي آٿت ڏيڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان مرحبا! اخلاص سان ڏنل صدقو ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آڻيندو آهي؟ اچو! ان جون ڪجھ حڪايتون ٻڌون ٿا:

خرچ ڪريو الله ڪريم عطا فرمائيندو