Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

بُرائين جا دروازا بند ڪندو آهي۔٭  صَدَقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو۔ ٭ صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائيندو آهي۔ ٭ صَدَقو گُناهن کي ائين مٽائيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي۔ ٭ صَدَقو بلائن کي روڪيندو آهي۔ ٭ صَدَقو عُمر ۾ بَرڪت جو سبب بڻجندو آهي۔ ٭ صَدَقو بُري مَوت ۽ بُري خاتمي کان بچائيندو آهي۔ ٭ صَدَقو تڪبّر ۽ غرور جي عادت جو خاتمو ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو باھ کان رُڪاوٽ بڻجندو۔ ٭ صَدَقو الله پاڪ جي غضب کي ٽاريندو آهي۔ مطلب ته! صدقو ڪيئي ڀلائين جا دروازا کوليندو آهي ۽ صدقو ڪيئي بُرائين جا دروازا بند ڪندو آهي۔

دے نَزْع و قبر و حشر میں ہر جا اَمان اور

دوزخ کی آگ سے بچا یا ربِّ مُصطفےٰ

                                                   (وسائلِ بخشش مُرمّم ،ص۱۳۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي بُزرگ سڳورن ۾ صَدَقي ۽ خَيرات جو جذبو تمام گھڻو هو۔ جهڙي طرح دنيا جي دولت جي حريص کي دنيا ڪمائڻ ۽ مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي، ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ الله وارن کي اها خواهش هوندي هئي ته اهي پنهنجو مال راھ خدا ۾ قربان ڪري ڇڏين۔ اچو! ترغيب جي لاءِ ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:

ابنِ عمررَضِىَ اللهُ عَنْهمَا جي سخاوت

حضرت سيدُنا اَيوب بن وَائِل رَاسِبِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪن ٿا: هڪ ڀيري مان مديني شريف حاضر ٿيس ته مون کي حضرت سيدُنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جي هڪ پاڙيسري (Neighbour) ٻڌايو ته حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ حضرت سيدُنا اميرِ مُعَاوِيه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي طرفان چار هزار درهم آيا آهن ۽ هڪ ٻي ماڻهو جي طرفان به ايترا ئي درهم آيا آهن ۽ هڪ شخص 2 هزار درهم ۽ هڪ قيمتي چادر حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي خدمت ۾ موڪلي آهي۔ حضرت