Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab
.3فرمايائون: جنهن پنهنجو پاڻ کي گهُٽو ڏنو اهو جهنم جي باهه ۾ پنهنجو پاڻ کي گهٽو ڏيندو رهندو، جنهن پاڻ کي نيزو هنيو ته اهو جهنم جي باهه
۾ پاڻ کي نيزو هڻندو رهندو۔ (بخاري، ڪتاب الجنائز، باب ما جاء في قاتل النفس،۱/ ۴۶۰،حديث: ۱۳۶۵)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً خود ڪشي ڪرڻ ڄڻ پاڻ کي مصيبتن ۾ ڦاسائڻ آهي، دنيا جون مصيبتون قابلِ برداشت آهن جڏهن ته آخرت ۾ ملڻ واريون تڪليفون يقيناً ناقابلِ برداشت آهن۔ جيڪڏهن خدانخواسته ڪنهن کي خودڪشي ڪرڻ جا وَسوَسا اچن ته ان کي گھرجي ته بيان ڪيل وعيدن(عذابن) سان پاڻ کي ڊيڄاري ۽ عبرت حاصل ڪري ۽ شيطان جي وار کي ناڪام بڻائي۔ توڙي جو ڪيتريون ئي پريشانيون هجن صبر ۽ رِضا جو پيڪر بڻجي ڪري دليري سان حالتن جو مقابلو ڪري۔
ياد رکو! حديث ِ پاڪ ۾ آهي: ”اَلدُّنْيا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّة الْکافِر“ دنيا مؤمِن جي لاءِ قيد خانو ۽ ڪافِر جي لاءِ جنّت آهي۔ (مسلم، ڪتاب الزھد والرقاق ،باب الدنيا سجن المؤمن و جنت الڪافر، ص ۱۲۱۰، حديث: ۷۴۱۷) ظاهر آهي قيد خاني ۾ تڪليفون ئي تڪليفون هونديون آهن، زندگي جي هن سفر ۾ انسان هميشه هڪ جهڙي حالت ۾ ناهي رهندو۔ ڪو ڏينهن ان جي لاءِ خوشخبري کڻي آڻيندو آهي ته ڪو غم جو پيغام، ڪڏهن خوشين ۽ شادمانين جي برسات ٿيندي آهي ته ڪڏهن مصيبتن ۽ پريشانين جون انڌاريون هلنديون آهن۔ هنن انڌارين جي زد ۾ ڪڏهن انسان جي ذات ايندي آهي، ۽ ڪڏهن ان جو گھر وغيره ايندو آهي۔ اَلغَرَض! مصيبتن ۽ پريشانين سان مقابلو ٿيندو رهندو آهي۔ ان ڪري اسلامَ مصيبتن ۾ صبر ۽ خوشين ۾ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي۔
الله پاڪ مسلمانن کي امتحانن ۾ مُبتَلا فرمائي ڪري انهن جي گناهن کي مِٽائيندو ۽ دَرَجَن کي وڌائيندو آهي۔ جيڪي مصيبتن تڪليفن تي صَبر