Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خود ڪشي جي مذمت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!هنن واقعن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گھٽ آهي۔ اهي اسان جي معاشري جا ڪجھ واقعا آهن، هن طرح جي هزارين واقعن سان اخبار ڀريا پيا آهن۔ خود ڪشي ڪرڻ وارا شايد اهو سمجھن ٿا ته اسان جي پريشانين سان جان ڇُٽي ويندي! حالانڪ ان سان جان ڇٽڻ بدران الله پاڪ جي ناراضي جي صورت ۾ نهايت بُري طرح ڦاسي پوندي آهي۔ اهي جيڪي نفس جي شرارتن جا شڪار ٿي ڪري رب جي عطا ڪيل زندگي کان فرار واري واٽ اختيار ڪندا آهن ۽ پنهنجي هٿان پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيندا آهن، موت انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب جو ذريعو بڻجي سگھي ٿو. خودڪشي جي ذريعي دنيا جي تڪليفن کان ظاهري طور منهن موڙڻ وارا آخرت جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي سگھن ٿا۔ ياد رکو! زندگي جا ڏينهن ختم ٿيڻ کان پوءِ ايمان ۽ عقيدن جي سلامتي جي حالت ۾ اچڻ واري موت راحت ئي راحت آهي، اهڙو موت جنت ڏانهن وٺي وڃڻ جو رستو آهي۔ اهڙو موت الله پاڪ جي نعمتن مان هڪ تمام وڏي نعمت آهي۔ جڏهن ته شيطان جي وسوسن ۾ مبتلا ٿي ڪري دنيا جي بدلي آخرت جو سودو ڪري ويهڻ تمام وڏي ناداني آهي۔ خود ڪشي تي ملڻ وارو عذاب بلڪل برداشت نه ٿي سگھندو۔ اچو! خود ڪشي تي ملڻ واري آخرت جي سزائن تي مشتمل ٽي (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿيون:

 .1فرمايائون: جيڪو شَخص جنهن شيِءِ سان خود ڪشي ڪندو اهو جهنّم جي باھ ۾ انهيءَ شيءِ سان عذاب ڏنو ويندو۔ (بخاري،ڪتاب الايمان والنذور ،باب من حلف بملة سوي ملة الاسلام ۴/ ۲۸۹، حديث: ۶۶۵۲)

.2 فرمايائون: جنهن لوھ جي هٿيار سان خودڪشي ڪئي ته ان کي جهنَّم جي باھ ۾ انهيءَ هٿيار سان عذاب ڏنو ويندو۔ (بخاري ،ڪتاب الجنائز ،باب ما جاء في قاتل النفس،۱/ ۴۵۹،حديث: ۱۳۶۳)