Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن اهي الله پاڪ جي رَحمتن جي ڇانوَ ۾ اَچي ويندا آهن۔ جيئن سيپاري 2، سورة البَقَرة آيت نمبر 155 کان157 ۾ ارشاد ربّاني آهي:

وَ لَنَبْلُوَنَّكُمْ بِشَیْءٍ مِّنَ الْخَوْفِ وَ الْجُوْ عِ وَ نَقْصٍ مِّنَ الْاَمْوَالِ وَ الْاَنْفُسِ وَ الثَّمَرٰتِؕ-وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیْنَۙ(۱۵۵) الَّذِیْنَ اِذَاۤ اَصَابَتْهُمْ مُّصِیْبَةٌۙ-قَالُوْۤا اِنَّا لِلّٰهِ وَ اِنَّاۤ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَؕ(۱۵۶) اُولٰٓىٕكَ عَلَیْهِمْ صَلَوٰتٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ وَ رَحْمَةٌ -وَ اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُهْتَدُوْنَ(۱۵۷)(پ۲، البقرة :۱۵۵،۱۵۶،۱۵۷)

ترجمو ڪنزالايمان؛ ۽ ضرور اسان اوهان کي اَزمائيندا سون، ڪجھ ڊپ ۽ بک سان ۽ ڪجھ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي گهٽ ڪرڻ سان ۽ خوشخبري ٻُڌاءِ صبر وارن کي. جو جڏهن انهن تي ڪا مصيبت پوي ته چون اسان الله جي مِلڪ آهيون، ۽ اسان کي اُن جي طرف موٽڻو آهي. اهي ماڻهو آهن جن تي سندن پالڻهار طرفان درود ۽ رحمتون آهن، ۽ اهي ئي سِڌيءَ واٽ تي آهن.

اچو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪيون ٿيون:

مُشْکِلُوں میں دے صَبْر کی تَوفیق                               اپنے غم میں فَقَط گُھلا یاربّ!

(وسائلِ بخشش مرمّم،۸۰)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! قرآنِ پاڪ اهو فرمائي رهيو آهي ته الله پاڪ مصيبتون ڏئي آزمائيندو آهي۔ هاڻي جنهن ان ۾ بي صبري جو مظاهرو ڪيو، دانهون ڪيائين، ناشڪري وارا جملا زَبان سان ادا ڪيائين يا بيزار ٿي ڪري مَعَاذَ الله خودڪشي جي راھ ورتي، اهو هن امتِحان ۾ بُري طرح ناڪام ٿي ڪري پهريان کان ڪروڙ ڀيرا وڌيڪ مصيبتن جو سزاوار ٿي ويو۔ بي صبري ڪرڻ سان مصيبت ته وڃڻ کان پري رهي الٽو صَبر جي ذَرِيعي هٿ ايندڙ عظيمُ الشّان ثواب به ضايِع ٿي ويندو آهي جيڪو بذاتِ خود هڪ تمام وڏي مصيبت آهي۔ ان ڪري صَبر سان ڪم وٺڻ گهرجي۔ حديثِ پاڪ ۾ مومن جي صفت اها بيان ٿي آهي ته جڏهن ان کي خوشي پهچندي آهي ته اُهو الله جو شڪر ادا ڪندو آهي ۽ جڏهن اُن کي تڪليف پهچندي آهي