Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab
آهي۔ ٭ قناعت اِنسان جي بلند همتي، عالي سوچ، بُزرگي، تقويٰ ۽ صبر جي علامت بڻجندي آهي۔ ٭ قناعت جي اَهميت ڄاڻڻ جي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته الله پاڪ پنهنجي نيڪ ۽ مُقرَّب ٻانهن کي ئي اها پاڪيزه خَصْلت (Habit) ۽ عادت عطا فرمائيندو آهي۔ تمام انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام،صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ اولياءِ عظام جون مبارڪ زِندگيون، قناعت جا مدني گل چونڊڻ جي لاءِ اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهن۔
مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قناعت تي لکين سلام
اسان گناھگارن جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سموري زندگي صبر ۽ قناعت سان ڀريل آهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ حياتي ۾ ڪٿي به آرام، عيش ۽ راحت جو سامان نظر نٿو اچي ۽ نه ڪڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن شين کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي مالِ غنيمت تي مُشتمل وڏا وڏا خزانا ملندا هئا، پر پاڻ اهو سڀ مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا، صحابي رسول، حضرت سَيدُنا ابُو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي گھر وارن ٽي (3) ڏينهن تائين ڪڏهن به پيٽ ڀري کاڌو نه کاڌائون، ايستائين جو رحمت للعالمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا مان تشريف کڻي ويا۔ (بخاري، ڪتاب الاطعمه ، با ب وقول الله تعالي : ڪلوا۔۔۔۔ الخ، ۳/۵۲۰،حديث: ۵۳۷۴) ٻنهي جھانن جا سردار هئڻ جي باوجود اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چَٽائي تي آرام فرمائيندا هئا، مٿو مبارڪ رکڻ جي لاءِ کجور جي ڇال سان ڀريل چمڙي جو وهاڻو استعمال فرمائيندا هئا۔ (المواهب اللدنيه مع شرح الزرقاني، تڪميل،ج۵،ص:۹۶، ملخصاً) ڪڏهن لذيذ ۽ پُرتڪلف کاڌن جي خواهش ئي نه ڪيائون۔ ايستائين جو ڪڏهن پاڻ چپاتي نه کاڌائون، جَوَنۡ جُون ٿُلِهيون ٿُلِهيون مانيون اڪثر غذا ۾ استعمال ڪندا هئا۔ (سيرتِ مُصْطفےٰ،ص:۵۸۵، ۵۸۶ملخصاً)
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قناعتِ مُصطفيٰ کي نذرانه عقيدت پيش