Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab
الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو!شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائيدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”غفلت“ مان عقيقي جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون۔ فرمانِ
مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: ”ٻار پنهنجي عقيقي جي عيوض گروي آهي، ستين ڏينهن ان جي طرفان جانور ذبح ڪيو وڃي، نالو رکيو وڃي ۽ ان جو مٿو ڪوڙيو وڃي۔“ (تِرمِذي ج۳ ص۱۷۷ حديث۱۵۲۷) ٭ ”گروي“ هئڻ جو مطلب هي آهي ته ان مان پورو نفعو حاصل نه ٿيندو جيسيتائين عقيقو نه ڪيو وڃي ۽ ڪجهه (مُحَدِّثن) چيو ته ٻار جي سلامتي ۽ ان جي نَشوونُما (پرورش) ۽ ان ۾ چڱيون خوبيون ٿيڻ عقيقي سان وابسته آهن۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۴) ٭ ٻار پيدا ٿيڻ جي شڪراني ۾ جيڪو جانور ذبح ڪيو وڃي ٿو ان کي عقيقو چئبو آهي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۵) ٭ پٽ جي عقيقي ۾ ٻه ٻڪر ۽ نياڻيءَ جي عقيقي ۾ هڪ ٻڪري ذبح ڪئي وڃي يعني پٽ جي عقيقي ۾ نر جانور ۽ نياڻيءَ جي عقيقي ۾ مادي مناسب آهي۔ (بهار شريعت،۳/ ۳۵۷) ٭ قرباني جي اُٺ وغيره ۾ عقيقي جي شرڪت ٿي سگھي ٿي۔ ٭ عقيقو فرض يا واجب ناهي صرف مُستَحب سنّت آهي۔ (جيڪڏهن گنجائش هجي ته ضرور ڪرڻ گھرجي، نه ڪري ته گناهه ناهي، البت عقيقي جي ثواب کان محرومي آهي) غريب ماڻهو کي هرگز اِهو جائز ناهي ته وياج تي پئسا کڻي عقيقو ڪري۔ (اسلامي زندگي، ص ۲۷) ٭ ٻار جيڪڏهن ستين ڏينهن کان پهريان ئي مري ويو ته اُن جو عقيقو نه ڪرڻ سان ان جي شفاعت وغيره تي ڪو به اثر نه پوندو ڇوته هو عقيقي جو وقت اچڻ کان پهرين ئي گذاري ويو۔ ها جنهن ٻار عقيقي جو وقت پاتو يعني ست ڏينهن جو ٿيو ۽ بنا