Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab
8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”گهر درس“
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قناعت جي دولت ماڻڻ ۽ ٻين نيڪ ڪمن تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصَّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”گهر درس“ به آهي. گهر ۾ مدني ماحول بڻائڻ جي لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو درسِ فيضان سنت ڏيڻ يا ٻڌڻ جي ترڪيب بڻايو (جنهن ۾ نامحرم نه هجن) امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليہ جي تخريج ڪيل رسالن مان به حسب موقع درس ڏئي سگهجي ٿو (دورانيو 7 منٽ آهي)
گهر درس جي برڪت سان علم دين حاصل ڪرڻ جو ثواب ملندو آهي اهڙي طرح گهر درس به ظاهري ۽ باطني اخلاق سنوارڻ ۽ سٺي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو آهي تنهنڪري اوهان سڀئي اسلامي ڀينرون گهر درس شروع
ڪرڻ جي نيت ڪريو ۽ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان هميشه جي لاءِ وابسته ٿي وڃو. اچو ترغيب طور هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو. جيئن
گناهه کي گناهه سمجهڻ جو شعور ملي ويو:
باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ نمازون قضا ڪرڻ ۽ بي پردگيءَ جهڙن گناهن ۾ گرفتار هئي. افسوس!ان کي گناهه کي گناهه سمجهڻ جو به احساس نه هو ان کي دنياوي سهولتون موجود هئڻ جي باوجو دلي سڪون نصيب نه هو هوءَ عجيب بي چيني ۽ گهٻراهٽ جو شڪار رهندي هئي الحمد لله عَزَّوَجَلَّ ان کي دلي سڪون هن طرح مليو جو ڪجهه اسلامي ڀينرن جي دعوت تي ان کي دعوت اسلامي جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت ملي اتي بيان ٻڌو پنهنجي ربّ قدير عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر ڪيو ۽ دعا گهري ۽ روئيندي روئيندي پنهنجي گناهن کان توبهه ڪئي ته ان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ان جي دل تان بار لهي ويو ۽ ان کي قرار نصيب ٿي ويو. الحمدلله عَزَّوَجَلَّ انهيءَ اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان اهي نه صرف مدني