Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

اهڙي طرح هو غيرن جي مُحتاجي کان بچي ويندا آهن۔ جڏهن ته قَناعت کان خالي انسان سببن تي نظرون ڄمائي انهن کي سڀ ڪجھ سمجھي ويهنديون آهن، اهڙي طرح هو ماڻهن کان اُميدون رکي ۽ انهن کان توقعات وابسته ڪندا آهن۔

 .3قناعت انسان کي بري خواهشن کان بچائيندي آهي ۽ ان جي برڪت سان زندگي سُڪون ۽ اطمينان (Satisfaction) سان گذرندي آهي جڏهن ته خواهشن جي پيروي بي سڪوني ۽ ذهني دٻاؤ کي جنم ڏيندي آهي۔

 .4سڀ کان وڌيڪ قناعت جو فائدو هي آهي ته ان سان الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا حاصل ٿيندي آهي۔ فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى

 عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ته: ان شخص جي لاءِ خوشخبري آهي، جيڪو اسلام جي هدايت ماڻي ۽ ان جي رُوزِي ضرورت مطابق هجي ۽ هو ان تي قناعت ڪري۔ (ترمذي، ڪتاب الزھد،باب ماجاء في الڪفاف والصبر عليه،۴/۱۵۶ ، حديث: ۲۳۵۵)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                      صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اڄ اسان قناعت کان گھڻو پري ٿينديون پيون وڃون، شايد انهيءَ ڪري رزق ۾ تنگي جي شڪايت گھڻي عام آهي، اهڙي طرح معاشري ۾ رشوت، ڌوڪو ڏيڻ ۽ ڦُر لٽ جو وڌندڙ رجحان به قناعت کان دوري جي نشاندهي ڪري رهيو آهي۔ غربت، افلاس ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي خود ڪشي جي واقعن سبب اسان جو معاشرو هر روز اخبارن جي زينت بڻجندو آهي، معاشري جي هن بدترين صورت جو تمام وڏو سبب قناعت کي عملي طور نه اپنائڻ به آهي۔ ان ڪري قناعت کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻايو، ائين ڪرڻ سان سڪون ۽ اطمينان سان گڏ سعادتمندي اوهان جو استقبال ڪندي۔ ڇوته قناعت تنگدستي جي حالت ۾ پاڻ کي سنڀالي رکڻ جو بهترين سهارو آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد