Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab
٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭
ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان ”خود ڪشي جي سببن“ بابت ٻڌنديون سين۔ خود ڪشي جا بنيادي طور تي چار (4) سبب آهن۔ ٭ دين کان دوري، ٭ معاشي پريشانيون، ٭ مايوسي ۽ ٭ گھريلو رنجشون۔ اڄ اسان انهيءَ بابت ٻڌنديون سين۔ انهن سببن جا ڪهڙا علاج آهن، اهو به ٻڌنديو سين۔ هن دوران ڪيئي مدني گل به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔ پورو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ گھڻي معلومات حاصل ٿيندي۔
اچو سڀ کان پهريان هڪ عبرت ناڪ حڪايت ٻڌون ٿيون:
بخاري شريف ۾ آهي:حضرتِ سيدُنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ شخص جيڪو اسلام جي دعويٰ ڪندو هو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي باري ۾ فرمايائون: هي دوزَخي آهي۔ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته جڏهن اسان قِتال (يعني جنگ) ۾ مشغول ٿياسين ته اهو شخص وڏي شدّت سان