Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

وڙهيو ۽ ان کي زخم لڳي ويو۔ ڪنهن عرض ڪيو: يارَسُولَ الله! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن جي باري ۾ اوهان ڪجھ دير پهريان فرمايو هو ته اهو دوزخي آهي، هو اڄ وڏي بهادري سان وڙهيو آهي ۽ مري ويو آهي۔ ته رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: اهو جهنّم ۾ ويو۔ قريب هو جو ڪجھ ماڻهو شڪ ۾ پئجي وڃن ها ته ايتري ۾ ڪنهن چيو: اُهو مريو نه هو بلڪ ان کي

 شديد زخم لڳو هو ۽ جڏهن رات ٿي ته ان شخص پنهنجي زخم جي تڪليف تي صَبر نه ڪيو ۽ خود ڪُشي ڪري ورتي۔ جڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اُن ڳالھ جي خبر ڏني وئي ته ٻنهي جهانن جي سردار غيبن تي خبروار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: الله اَڪبَر! ”مان گواهي ڏيان ٿو ته مان الله پاڪ جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهيان پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرتِ بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي هڪ اعلان ڪرڻ جو حڪم فرمايو ته حضرتِ بِلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ماڻهن ۾ اِعلان ڪيو ته ”جنّت ۾ صِرف مسلمان داخِل ٿيندو ۽ بيشڪ الله پاڪ هن دين جي تائيد ڪنهن فاجِر ماڻهو سان (به) ڪرائيندو آهي۔ (بُخارِي، ڪتاب الجهاد السير،باب ان الله يؤيد الدين بالرجل الفاجر، ۲/۳۲۸، حديث: ۳۰۶۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو اهو شَخص جيڪو وڏي بهادري سان وڙهيو، شديد زخمي ٿيو ۽ زخمن جي تڪليف نه سهندي پنهنجو پاڻ کي قتل ڪري ويٺو، هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ ڪيئي مدني گل آهن۔

          هڪ مدني گل ته هي مليو جو اسان جا آقا، مديني وارا داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي عطا سان علمِ غيب ڄاڻيندا آهن، تڏهن ته اُن شخص جي باري ۾ ارشاد فرمايائون ته اهو جهنمي آهي۔ امام نَوَوِيۡ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: يا ته ان کي اُن ڪري جهنمي فرمايائون جو خود ڪُشي گناھ آهي ۽ اهو شَخص جهنم ۾ پنهنجي گناھ جي سزا ڀوڳي جنت ۾ ويندو۔ جڏهن ته هڪ قول هي به آهي ته خودڪشي ڪرڻ وارو اهو شخص مُنافِق هو۔ (شرحِ مُسلم لِلنَّوَوِي ۱/۱۲۳،الجز ء الثاني)