Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

ماحول سان وابسته ٿيون بلڪ امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليہ سان بيعت ٿي ڪري عطّاريه به ٿي ويون.

(مون مدني برقعو ڇو پاتو؟ص19)

ٽيون سبب ”مايوسي“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! خود ڪشي جو هڪ ٽيون بنيادي سبب ”مايوسي“ به آهي۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عام طور تي انسان کي سڀ کان وڌيڪ عزيز پنهنجي جان هوندي آهي۔ ان ڪري چيو ويندو آهي ته ”جان آهي ته جهان آهي“ پر جيڪڏهن گردشِ حالات (يعني حالات ڪمزورهجڻ) جي ڪري زندگي ڏکي ٿي وڃي ۽ ڪا به راهه نظر نه اچي ته هڪ عام انسان جي برداشت واري قوت جواب ڏيڻ لڳندي آهي ۽ ان کي خودڪشي واري واٽ  کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نظر ناهي ايندو۔

ياد رکو! مايوسي به خود ڪشي جي طرف وٺي ويندي آهي۔ حالات  چاهي ڪهڙا به هجن پر اميد جو دامن هٿان نه ڇڏڻ گھرجي۔ هڪ اڌ ڀريل گلاس ميز تي رکيل هجي ته هڪ سٺي اميد واري شَخص کي اهو اڌ ڀريل نظر ايندو جڏهن ته هڪ مايوس شَخص کي اهو ئي گلاس اڌ خالي نظر ايندو آهي۔ اميد ۽ نا اميدي ۾ سوچ جو فرق هوندو آهي، الله پاڪ جي رحمت تي نظر رکندي