Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

ته صبر ڪندو آهي۔  

(مسلم، ڪتاب الزهد والرقائق، باب المؤمن امره ڪله خير، ص۱۲۲۲، حديث:۷۵۰۰)

صبر جو مفهوم ۽ ان جون برڪتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٭ يقيناً صبر ۾ خير ئي خير آهي۔ ٭ صبر دنيا جي غمن کان پناھ ڏيڻ واري صفت آهي۔ ٭ صبر الله پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ جو نالو آهي۔ ٭ صبر گناهن کان پاڻ کي بچائڻ جو نالو آهي۔ ٭ صبر قربِ الٰهي جو ذريعو آهي۔ ٭ صَبر دين جي سرداري ملڻ جو سبب آهي۔ ٭ صَبر الله پاڪ جي طرفان بهترين ۽ بي حساب اجر ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ ٭ صَبر ڪرڻ سان مددِ الٰهي ٻانهي سان گڏ هوندي آهي۔ ٭ صَبر ڪرڻ تي الله پاڪ جون رحمتون نصيب ٿينديون آهن۔ ٭ صَبر سان دنيا به بهتر ٿيندي آهي آخرت به سنورجي ويندي آهي۔ ٭ رب ڪريم قرآنِ مجيد ۾ نوي (90) کان وڌيڪ مقامن تي صبر جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اڪثر دَرجَنۡ ۽ ڀلائين کي صبر سان منسوب ڪيو آهي ۽ انهن کي صبر جو ڦل قرار ڏنو آهي ۽ صبر ڪندڙن جي لاءِ اهڙا انعامات رکيا آهن جيڪي ڪنهن ٻئي جي لاءِ ناهن رکيا۔ (مڪاشفة القلوب ،ص۴۹۹) ٭ عبادتن مان صبر ئي آهي جنهن جي نسبت الله پاڪ پنهنجي طرف فرمائي آهي ۽ صابرين سان گڏ هئڻ جو به واعدو فرمايو آهي۔الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اصْبِرُوْاؕ-اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَۚ(۴۶) (پ 10،الانفال:46)                                                     

تَرجموڪنزُالايمان: ۽صبر ڪريو بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آهي

صبر ۽ اسان جو معاشرو

  افسوس! اڄ اسان صبر کان گھڻو پري ٿي چڪيون آهيون، شايد هي ئي سبب آهي جو هڪ تعداد ڊپريشن(Dipration) يعني ذهني دٻاؤ جو شڪار آهي۔ هي سڀ صبر جو دامن ڇڏي ڏيڻ جو ئي نتيجو آهي جو اسان جي معاشري ۾ بلڊ پريشر جهڙو مُهلِڪ(يعني هلاڪ ڪرڻ وارو) مرض به تيزي سان وڌي رهيو آهي۔ صبر کان دوري سبب ڪجھ انتِهائي غُصِي وارا ۽ جذباتي بدنصيب ماڻهو